ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير) گهوٽڪي ضلعي جي ڪچي ۾ هزارين ٻار تعليم لاءِ واجهائڻ لڳا آهن، عمر شر ڳوٺ جي ويجهو ڀاڻ فيڪٽري جي سهڪار سان هلندڙ اسڪول به بند ٿيڻ بعد صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي، جديد دور ۾ به ڪچي واسي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڏکن ۽ تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته تعليمي ادارن جي کوٽ سبب علائقي جا ٻار غلط راهن تي هلڻ جو خطرو برقرار آهي، مليل ڄاڻ موجب ڪچي ۾ رهندڙ ڪيترائي بدنام ڌاڙيل به هاڻي ڏوهن جي دنيا کان بيزار ٿي پنهنجن ٻارن کي تعليم ڏياري مستقبل سنوارڻ لاءِ پريشان آهن۔ سلطو شر جي ٻارن به بهترين اسڪولن مان تعليم پرائي، جڏهن ته ماضي جو بدنام زمانه ڌاڙيل قادري چاچڙ به پنهنجن ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏياري، جهيڙن ۽ پوليس ڪيسن کان تنگ ٿيل ڪيترائي ڌاڙيل پنهنجن ٻارن جي مستقبل لاءِ فڪر مند ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، اڳوڻي ايس ايس پي جي ڪوششن سان ڇپري وارو اسڪول اڃا تائين قائم آهي، جتي 50 کان وڌيڪ ڌاڙيلن جا ٻار ڪتاب کڻي تعليم پرائي رهيا آهن، پر، افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته علائقي ۾ سرڪاري استاد موجود نه هجڻ سبب مقامي نوجوان رضاڪاراڻي طور تي ڌاڙيلن جي ٻارن کي تعليم ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته تعليم کاتي جو ڪو به ڪردار نظر نٿو اچي، سماجي حلقن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪچي ۾ تعليم کي عام ڪيو وڃي ته نه رڳو قبيلائي جهيڙن جو خاتمو ٿي سگهي ٿو پر علائقي ۾ ڏوهي سرگرمين جو به دائمي خاتمو ممڪن آهي، تعليم ئي ٻارن جي مستقبل کي سنوارڻ ۽ ڪچي کي پرامن بڻائڻ جو واحد ذريعو آهي.
چاهيون ٿا ته ڌاڙيلن جا ٻار ڌاڙيل نه ٿين: ايس ايس پي
ميرپور ماٿيلو: ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪچي ۾ رڳو ماڻهو مارڻ سان نه پر تعليم عام ڪرڻ سان ئي تبديلي ايندي ۽ امن ٿيندو، تعليم کانسواءِ ڪچي ۾ امن قائم ڪرڻ صرف هڪ خواب ئي ٿي سگهي ٿو ڇو ته سالن کان جاري قبيلائي جهيڙن، ڏوهي سرگرمين واري ماحول ۾ پلندڙ ٻار تي ناڪاري اثر پون ٿا جيڪو مستقبل ۾ اهڙا اثر قبولي وٺي ٿو ۽ اهڙي ئي سماج جو حصو بڻجي وڃي ٿو، انڪري ضروري آهي ته ڪچي ۾ تعليم کي عام ڪيو وڃي ته جيئن ڌاڙيلن جا ٻار ڌاڙيل نه ٿين پر کين سٺو شهري ٿيڻ جو موقعو ملي سگهي، ڪچي ۾ اسڪول کولڻ لاءِ مختلف صنعتي ادارن سان ڳالهيون ڪريان پيو، اڳڀرائي بعد ئي تفصيل ٻڌائي سگهجن ٿا.
گهوٽڪي ۽ اوٻاوڙو ۾ 10 يونين ڪائونسلون استادن کان محروم
ميرپور ماٿيلو: عوامي آواز کي مليل ڄاڻ موجب گهوٽڪي ۽ اوٻاوڙو ۾ 10 يونين ڪائونسلون ڪچي ۾ آهن جنهن تحت 229 ڳوٺ ۽ سوا لک آبادي آهي، تازو آئي بي اي ذريعي ڪچي سان تعلق رکندڙ ڪيترائي استاد ڀرتي ٿيا آهن پر انهن کي ٻين علائقن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، ڪچي واسين جي ڪوٽا تي ڀرتي ٿيل استادن تي به ڪچي واسين جو حق تسليم نه ٿو ڪيو وڃي، اسڪول نه هجڻ سبب ڪو به استاد ڪچي ۾ فرض ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جنهن سبب ڪچي واسين جا ٻار تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن.