برطانيا جو پاڪستاني ٻوڏ متاثرن لاءِ هنگامي امداد جو اعلان

لنڊن (م ڊ) برطانيا جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي تباهڪارن سان لاڳاپيل قدمن تي ڳالهيون ڪيون ويون، برطانوي هاءِ ڪمشنر پاڪستان سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته برطانيا 30 لک پائونڊ هنگامي امداد ڏئي رهيو آهي، نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار برطانيا جي هن بر وقت مدد کي ساراهيو ۽ مشڪل وقت ۾ گڏ هجڻ تي شڪريو ادا ڪيو، ٻنهي ٻطرفي لاڳاپن، اعليٰ سطحي رابطن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.