سوشل ميڊيا سياسي تبديلي جو نئون اوزار بڻجي وئي

کٽمنڊو/اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ايشيا ۾ سياسي بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، جتي رڳو ٽن ڏينهن دوران جاپان، فرانس ۽ نيپال جا وزيراعظم استعيفا ڏيڻ تي مجبور ٿيا. خاص طور تي نيپال ۾ عوامي احتجاج، پرتشدد مظاهرا ۽ نوجوانن جي تحريڪ سبب حڪومت جو تختو اونڌو ٿي ويو. تجزئي نگار نجم سيٺي هڪ پروگرام ۾ چيو ته نيپال ۾ اها صورتحال اوچتو نه پر سالن جي سياسي بيچيني ۽ ڪرپشن سبب پيدا ٿي. اڳوڻي بادشاهت کان پوءِ اتي جمهوريت آئي، پر مسلسل ليفٽ ونگ پارٽين جون حڪومتون ڪرپشن ۽ نااهلي کي ختم نه ڪري سگهيون. اقتصادي بهتري باوجود نوجوان بي روزگار رهيا، جنهن سبب وڏي انگ ۾ ماڻهو ٻاهرين ملڪن ڏانهن لڏي ويا. نيپال جي حڪمرانن جو لاڙو هندستان بدران چين ڏانهن وڌڻ به صورتحال کي پيچيدا بڻايو، جڏهن ته عوام ۾ هندستان خلاف جذبات وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويا. اهو رجحان بَنگلاديش ۽ سري لنڪا جي حالتن سان ملي ٿو جتي عوامي تحريڪن حڪومتن کي ڌوڏي وڌو. سوشل ميڊيا هن تبديلي ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو، ڇو ته نوجوان ان ذريعي هڪٻئي سان ڳنڍجي رهيا آهن، پنهنجا مطالبا سامهون آڻي رهيا آهن ۽ احتجاجي تحريڪ کي اڳتي وڌائي رهيا آهن. نيپال ۾ ايندڙ قدم نيون چونڊون هوندو، خطي ۾ ٿيندڙ تبديليون ڀارت لاءِ به وڏو چئلينج بڻجي رهيون آهن. نيپال جي مستقبل بابت وڏو سوال اهو آهي ته ڇا اتي وري بادشاهت جي واپسي ٿيندي يا هڪ مضبوط جمهوري حڪومت جڙي سگهندي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.