سنڌ حڪومت برسات سبب ڀڳل روڊن جي مرمت ۽ پاڻي جي نيڪال جو هنگامي بنيادن تي اُپاءُ وٺي

نامياري شاعر اياز گل جو ايران تي تازو لکيل سفرنامو ”سارا ٿڪ لهي ويا“ شايع ٿيو آهي جنهن جي اڄ آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ مهورتي تقريب به آهي تنهن ۾ هن لکيو آهي ته ”ايران ۾ برسات ايئن پوندي آهي ڄڻ بيهندي ئي نه ۽ وري جڏهن بيهندي آهي ته لڳندو ئي ناهي ته هتي ڪا برسات پئي به هئي.“ اسان جا حڪمران، صدر، وزيراعظم ۽ ٻيا وزير به اڪثر ڪري ٻاهرين ملڪن جي دورن تي ويندا آهن ۽ ملڪن جا اهڙا حڪومتي سسٽم يقينن ڏسندا به هوندا پر الائي ڇو انهن ۾ اهو اتساهه پيدا ناهي ٿيندو ته اهي به جيڪر اهڙو حڪومتي ۽ انتظامي نظام پنهنجي ملڪ اندر لاڳو ڪن ته جيئن برسات ختم ٿيڻ کان پوءِ ايئن لڳي ته ڄڻ هتي برسات پئي ئي نه هئي. اهڙو سسٽم يقينن پنهنجي ملڪ اندر به رائج ڪري سگهجي ٿو پر شرط آهي ته ان لاءِ اهڙو ارادو ۽ نيت هجي. جڏهن ته حڪمرانن جو اهڙو ڪو ارادو ۽ منصوبو نظر نٿو اچي. باوجود ان جي ته هر سال چؤماسي جي برساتي موسم ۽ ٻوڏن جا هيبتناڪ هاڃا ريڪارڊ تي موجود آهن.

 ماضيءَ وانگر هيلوڪي چؤماسي جي برساتي موسم ۾ ٻهراڙين کي ته ٺهيو پر شهري نظام کي به ڀڃي لاتو آهي. ننڍا شهر ته ڇڏيو پر ڪراچي کي به هيلوڪي چؤماسي جي برساتن تباهه ڪري ڇڏيو آهي. روڊ آهن ته برسات سبب چپي چپي تي ڀڳل ۽ وڏا وڏا کڏا پيل ملندا جو ننڍيون گاڏيون ۽ اسڪوٽر ته ٺهيو پر ٽينڪر ۽ ڊمپر گاڏين جا وڏا وڏا ڦيٿا به انهن وڏن کڏن ۾ ڦاسي پون ٿا. ٻيو ته هيلوڪي برساتن ۾ صرف روڊ ئي ناهن ڀڳا پر هيل برساتن ۾ گٽرن مان به پاڻي ٻاهر نڪري ٻوڏ برپا ڪري ڏني. انهن ٻن مسئلن  هڪ ئي وقت ڪراچي کي مفلوج ڪري ڇڏيو. ڪراچي جو ڪو روڊ ناهي جيڪو برساتن ڀڃي کنڊر نه بڻايو هجي ۽ ايئن اهڙو ڪو روڊ نه ملندو جتي گٽرن جي وهندڙ گندي ۽ بدبوءَ دار پاڻي جا تلاءُ بيٺل نه هجن. جنهن ڪري هر شهر ۾ آمد رفت هڪ جهاد بڻجي وئي آهي. هر هنڌ اوهان کي ٽريفڪ جام ملندي. ائين حيدرآباد، سکر، بدين ، ڄامشورو ۾ به رپورٽن موجب پنج پنج فٽ پاڻي بيٺل آهي.

هيلوڪي برساتن ۾ ملير، حب، ٿڌو، لياري لٽ، ڪونڪر ۽ ٻيون نديون وهي آيون جن ڪراچي ۾ اضافي تباهي آڻي ڇڏي آهي. ان برسات نون ٺهيل ترقياتي منصوبن کي به تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اربين روپين مان ٺهيل شاهراهه ڀٽو جو وڏو حصو به برساتي پاڻي ۾ لڙهي ويو آهي. مشڪلاتن جي ڳالهه ڪجي ته برساتن جو پاڻي انهن ڄاڻايل ندين جي وهڻ ڪري وڏن روڊن، اسپتالن، گهرن ۽ ڪالونين ۾ به ڪاهي پيو آهي. پاڻي جي وهڪري سبب ڪورنگي ڪراسنگ ندي ۽ ڪارز وي ٽي ڏينهن بند رهيا جنهن سبب شهر ۾ بدترين ٽريفڪ جام رهي. انهيءَ صورتحال تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته وڌندڙ شهري آباديءَ سنگين مسئلا پيدا ڪيا آهن. بهرحال سندس حڪومت عالمي بينڪ جي سهڪار سان هڪ ماسٽر پلان جي اسٽنڊي مڪمل ڪئي آهي جنهن ۾ ٽرانسپورٽ، بجلي، پاڻي، نيڪال، ڪچرو کڻڻ ۽ مجموعي ترقي شامل آهي. هن چيو ته انفراسٽرڪچر تي به ڪم ٿيندو.

 اسان جو خيال آهي ته اهو ماسٽر پلان جيستائين عملي شڪل ۾ اچي تيستائين سنڌ حڪومت کي برسات متاثر ڀڳل روڊن جي مرمت ۽ روڊن تي بيٺل گٽرن جي گندي پاڻي جي نيڪال جو فوري بندوبست ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ۽ ڪروڙن تي ٻڌل انساني آباديءَ جو هر وقت انهن روڊن تان گذر ٿئي  ٿو جيڪو نه رڳو انتهائي تڪليف جوڳو آهي پر حالت اها آهي ته جڏهن به ٻاهر نڪرجي ٿو ته هڪ جهاد لڳي ٿو. عام سفر به جهاد بڻجي آڏو اچي، جوکم هجي ته باقي ڇا بچيو.  ٽريفڪ جو نظام اونئن ئي مٿي جو سور هوندو آهي وري جو روڊن تي کڏا پئجي وڃن ۽ انهن کڏن ۾  گٽرن جو ڌپارو پاڻي بيٺل هجي ته ٽريفڪ نظام ئي جام ٿي ويندو آهي. ڪراچي ۾ خاص ڪري صبح ۽ شام جو اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين، آفيسن ۽ ڪاروبار لاءِ اچڻ ۽ وڃڻ ڪري شديد ترين ٽريفڪ جام هوندي آهي جنهن مسئلي ۾ موجوده برساتن جو پاڻي وجهجي ۽ روڊن جا کڏا شامل ڪجن ته ڪراچي جي زندگي مفلوج نه ٿيندي ته ڇا ٿيندو.

سو سنڌ حڪومت کي اهڙي بدترين صورتحال مان نڪرڻ لاءِ هنگامي قدم کڻڻا پوندا. ڪراچي ۾  ته پ پ جي حڪومت اونئن ئي کي ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي ۽ ميڊيا جي به سخت ترين مخالفت آڏو آهي تنهن ڪري به سندس ناقص حڪومتي ڪارڪردگي تي شديد تنقيد به ٿي رهي آهي جيڪا جائز به آهي. پ پ کي ته هاڻي ڪراچي ۾ مڪاني ادارا به مليل آهن، ميئرشپ به پ پ وٽ آهي  سو بجاءِ ان جي ته پ پ ان جو سونهري فائدو وٺندي گڊ گورننسس ڏيکاري ڪراچي جي ووٽ بينڪ جون دليون کٽي الٽو ان ڪراچي  جهڙي انٽرنيشنل شهر کي به لاڙڪاڻي جهڙو ڀڳل ٽٽل روڊن ۽ روڊن تي بيٺل گٽرن جي پاڻي جهڙو بڻائي ڇڏيو آهي.

هاڻي جڏهن چؤماسي جو برساتي  سسٽم  ختم ٿي ويو آهي ته  سنڌ حڪومت  کي هنگامي بنيادن تي ڀڳل روڊن جي مرمت ۽ روڊن تي بيٺل گٽرن جي پاڻي جي نيڪال جو فوري ڪم ڪرڻو پوندو جيئن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر توڙي ٻين شهرن ۽ ٻهراڙي جي عوام کي هنگامي بنياد تي ڪم ٿيندي نظر اچي ۽ عوام مڃڻ تي مجبور ٿئي  ته سنڌ حڪومت ٽن ڏينهن ۾ اهڙي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي جو ايران وانگر لڳي ته هتي ڄڻ چؤماسي جون برساتون پيون ئي نه هيون. انهيءَ ڪم سان گڏ سنڌ حڪومت کي ايندڙ سال جي چؤماسي جي برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ به هاڻي کان  ئي پلاننگ ڪرڻي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.