شاهراهه ڀٽو جي ناقص منصوبابندي ۽ انجنيئرنگ تي سوال اٿڻ لڳا

ڪراچي (ارباب چانڊيو) برساتن کان پوءِ شاهراهه ڀٽو جو حصو ڄام ڳوٺ وٽان پاڻي ۾ لڙهي ويو، جنهن سان منصوبي جي ناقص منصوبا بندي ۽ انجنيئرنگ تي سوال اٿيا آهن. روڊ کي مٽي وجهي سڌو ڊيم جي مٿان ٺاهيو ويو هو، جنهن کي پاڻي هڪ ئي ڌڪ سان لوڙهي ڇڏيو. هي روڊ لڙهي وڃڻ انجنيئر، ڊزائن ڪندڙ، جنهن ڪمپني ٺاهيو ان جي نااهلي چيڪ اينڊ بيلنس نه رکندڙن جي نااهلي کي ظاهر ڪري ٿو. مقامي ماڻھن ٻڌايو ته روڊ سڌو نديءَ جي وچ ۽ ننڍن ڊيمز (رِزرويئرز) مٿان ٺاهيو ويو، جيڪو انتهائي خطرناڪ ۽ غير فني عمل آهي. سندن چوڻ هو ته انجنيئرن ۽ ٺيڪيدارن گڏجي 2 نمبر ڪم ڪيو، چيڪ اينڊ بيلنس به نه رکيو ويو. ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اهڙي ڪمزور بنيادن تي ٺهيل روڊ ٽريفڪ لاءِ کوليو وڃي ها ته وڏو جاني نقصان ٿئي ها. هاڻي انهيءَ جاءِ تي پل ٺاهڻ لازمي آهي، ٻي صورت ۾ مستقبل ۾ ٻيهر اهڙي وڏي تباهي ٿي سگهي ٿي. شھري مطالبو ڪري رهيا آهن ته منصوبي جي ٻيهر جائزي سان گڏ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ عوام جي جانين کي خطري ۾ نه وڌو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.