”مٿيان مالڪ“ دٻاءُ وجهي وري به پ پ سان ئي گڏ هوندا:اياز پليجو

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته  مٿيان مالڪ ان ڪري نيون صفبنديون، اتحاد ۽ ڪردار پيا آڻين ته  جيئن پ پ  کان وڌيڪ ڪم وٺي سگھن، پريشر وجھي وري به پ پ  سان ئي گڏ ھلندا.هن چيو ته  حقيقي ترقي پسند، جمهوريت پسند، روشن خيال ۽ محب وطن قوتن اڳيان ھميشه رڪاوٽون وڌيون ويون آهن.انھن کي دٻائڻ لاء مھرا پاليا ويا آھن۔ ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت کي اچڻ ئي نه ڏنو ويو آهي. مينيج ڪري آندل حڪمرانن ۽ عوامي قوتن کي دٻائڻ جي ڪري ملڪ ۾ سدائين بحراني حالتون رهيون آهن. مھانگائي، بيروزگاري، لاقانونيت، ڪرپشن، وسيلن جي نيلامي، ميرٽ جو قتل وڏا مسئلا آھن.هن چيو ته  جمھوريت جي نالي ۾ سنڌ جي ماڻھن سان غداري ڪئي وئي آھي. اٽي، لٽي ۽ اجھي جو نعرو ھڻي عوام کي فقير بنايو ويو آھي. ھاري، پورھيت ۽ غريب ماڻھو 2 وقت جي ماني لاءِ پريشان آھن. ڪروڙين ماڻھو بنيادي انساني حقن ۽ سھولتن کان محروم آھن. اقتداري وڏيرا ۽ وزير عوام جي وسيلن کي لٽي رھيا آھن ۽ قابض آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.