حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، نور نبي پليجو، عمراه سمون ۽ ايڊووڪيٽ پره سومرو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب سنڌ کي ناقابلِ تلافي نقصان پهتو آهي. برساتن کان پوءِ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ پيدا ٿيل ٻوڏ جهڙي صورتحال سنڌ حڪومت جي مڪمل ناڪامي ۽ بيحسي کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. اڳواڻن چيو آهي ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، بدين، ڄامشورو ۽ ٻين شهرن ۾ بلدياتي ادارن جي ڪرپشن ۽ نااهلي سبب پنج پنج فوٽ پاڻي بيٺل آهي، جنهن ڪري شهر تلائن ۾ تبديل ٿي ويا آهن. ماڻهن کي ڊينگي، مليريا ۽ ٻين موت مار بيمارين جي حوالي ڪيو ويو آهي. اڳواڻن چيو آهي ته ملير ندي، لياري ندي ۽ ٻين قدرتي وهڪرن تي حڪمرانن قبضا ڪرايا آهن ۽ رهائشي اسڪيمون ٺاهيون ويون آهن، جنهن ڪري تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. هنن چيو ته رڳو موجوده برساتن دوران ئي ندين ۽ نالن ۾ اٺن کان وڌيڪ معصوم ماڻهو ٻڏي فوت ٿيا آهن، پر حڪومت ۽ ڪامورن تي ڪا به ڪاروائي نه ٿي. اڳواڻن چيو آهي ته فوت ٿيلن جي قتلن جا ڪيس ڪرپٽ ڪامورن ۽ ذميوار حڪمرانن تي داخل ڪيا وڃن ۽ هر فوت ٿيل جي وارثن کي هڪ ڪروڙ رپيا معاوضو ڏنو وڃي. اڳواڻن چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪمرانن پنهنجي منظور نظر ۽ ڀائيوارن ملڪ رياض، بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، ڪمانڊر سٽي، ذوالفقار آباد، ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي، ڪنٽونمينٽ، ۽ ٻين ادارن کي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مال غنيمت ۾ ڏني آهي، جڏهن ته برسات ۽ ٻوڏ متاثرن غريبن کي گهر لاءِ هڪ پلاٽ ڏيڻ لاءِ به تيار ناهن. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت هيٺ پيپلز پارٽيءَ جو دور سنڌ جي عوام لاءِ بدترين ثابت ٿيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري صرف فوٽو سيشن ۾ مصروف آهي، جڏهن ته زمين تي حالتن کي سنڀالڻ لاءِ ڪا به سنجيده ڪوشش نه ٿي ڪئي وڃي.