ڊڪٽيٽر ڇو چيو؟( جسٽس ڊوگر) عدالتون ڌمڪائڻ جي مرحلي ۾ اچي ويون آهن؟: ايمان مزاري

اسلام آباد(بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر نامياري وڪيل ايمان زينب مزاري کي مخاطب ڪندي ريمارڪس ڏنا ته توهان تبصرو ڪيو ته مان جج نه پر ڊڪٽيٽر طور ويٺو آهيان، ڇا اسان کي توهان خلاف توهينِ عدالت جي ڪارروائي شروع نه ڪرڻ گهرجي؟، ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ انساني حقن جي ڪارڪن ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) مان ڪڍڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي، ان دوران ايمان مزاري ماهه رنگ جي وڪيل طور پيش ٿي، هڪ موقعي تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن مان هن ڪيس ۾ ڪو حڪم جاري ڪندس ته زينب مزاري هيٺ وڃي پروگرام ڪندي ته هتي هڪ ڊڪٽيٽر ويٺو آهي، جنهن تي ايمان مزاري چيو ته مون اهڙي ڪا به ڳالهه نه ڪئي جيڪا قانون جي حدن کان ٻاهر هجي جنهن تي جسٽس سرفراز ڊوگر جواب ڏنو ته توهان کي به پنهنجي زبان بند رکڻ گهرجي، توهان کي به ادب جي حدن ۾ رهڻ گهرجي، ايمان چيو جيڪو مون چيو اهو ذاتي حيثيت ۾ چيو هو، ان جو منهنجي مؤڪل جي ڪيس تي اثر نه ٿي گهرجي، مون قانون ۽ آئين جي دائري کان ٻاهر ڪجهه به نه چيو، جيڪڏهن توهان توهينِ عدالت جي ڪارروائي شروع ڪرڻ ٿا چاهيو ته ضرور ڪريو، آئين مون کي اظهارِ راءِ جي آزادي ڏني آهي ۽ مون اها ئي استعمال ڪئي آهي، چيف جسٽس ايمان مزاري جي مڙس کي مخاطب ڪندي چيو هادي صاحب، هن کي سمجهايو، جيڪڏهن ڪڏهن منهنجي هٿ اچي وئي ته…ان تي ايمان طنزيه انداز ۾ چيو جيڪڏهن عدالتون وڪيلن کي ڌمڪائڻ جي مرحلي تي اچي ويون آهن ته پوءِ توهينِ عدالت جي ڪارروائي ڪري وٺو، ٻڌڻي دوران ڊپٽي اٽارني جنرل ارشد ڪياني عدالت کي ٻڌايو ته درخواستگذار کي سڀ کان پهرين وفاقي ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي سان رجوع ڪرڻ گهرجي ته جيئن ماهه رنگ جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي سگهجي، جنهن بعد ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.

عدالتن ۾ صنفي تعصب جو مظاهرو پيو ٿئي: امتياز گل

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سر فراز ڊوگر جي روين تي قانوني ۽ سماجي ڏرين طرفان تنقيد ڪئي پئي وڃي. تجزئي نگار امتياز گل موجب، ٻڌڻي دوران ايمان مزاري سان ڪيل غيرمناسب جملن تي اعتراض ڪندي چيو ويو آهي ته هڪ مرد، اهو به ملڪ جو اعليٰ ترين جج، هڪ عورت سان اهڙي لهجي ۾ ڳالهائي، جيڪو عام ماڻهو به مناسب نه سمجهي، اهو انصاف جي ڪرسيءَ جي وقار کي نقصان رسائڻ برابر آهي. هڪ جج  جو رويو صنفي تعصب ۽ گهٽ ذهنيت کي ظاهر ڪري ٿو، جڏهن ته اهڙيون ڌمڪيون ۽ توهين عدالت جا رمارڪس انصاف جي نظام تي عوامي بي اعتمادي کي وڌائين ٿا. اڳ ئي نوجوان نظام کان ڪاوڙيل آهن ۽ اهڙا واقعا نفرت ۾ واڌ جو سبب بڻجن ٿا. ساڳئي وقت عدليا جي اندروني ترجيحن تي به سوال اٿيا آهن. سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار گهرو وزارت کي خط لکي رٽائرڊ ججن ۽ انهن جي بيواهن کي تاحيات ٽي پوليس اهلڪار سڪيورٽي طور ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اهو حڪم قرض ۾ ٻڏل قوم سان مذاق آهي، جڏهن ته عوام کي بنيادي حقن ۽ انصاف تائين رسائي بدران ججن جي سڪيورٽي ۽ پروٽوڪول تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. انصاف جو نظام جيڪڏهن عوام لاءِ تحفظ ۽ اعتماد جو ذريعو نه بڻيو ته سيڙپڪاري ۽ معاشي استحڪام جا خواب به ڪڏهن پورا نه ٿيندا.

ايمان مزاري عاصمه جهانگير جي ياد ڏياري ڇڏي،26هين ترميم ججن کي وائکو ڪري ڇڏيو:اختر مينگل

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي حامد مير اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس سرفراز ڊوگر جي ايڊووڪيٽ ايمان مزاري کي عدالت اندر ڪيس جي ڪارروائي دوران ڌمڪي ڏيڻ واريمعاملي تي سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي  ٽوئيٽ ڪندي چيو ته عدالتون پوري سسٽم لاءِ نفرت وڌائي رهيون آهن،ڪجهه جج حضرات پوري نظام لاءِ نفرت وڌائي رهيا آهن. نوجوانن ۾ وڌندڙ ڪاوڙ ۽ بيچيني جو اصل سبب اهي طاقتور ماڻهو آهن، جن کي پنهنجي طاقت ۽ گرفت تي وڏو ناز آهي. اهي الله جي گرفت کان نٿا ڊڄن ۽ نه ئي نيپال جي مثال مان سبق وٺن ٿا،بي اين پي مينگل جي سربراهه اختر جان مينگل ٽوئيٽ ڪيو ته اهو حيرت جوڳو آهي ته هڪ وڏي عهدي تي ويٺل جج ڪنهن وڪيل بابت اهڙي نموني ڳالهائي سگهي ٿو. 26هين ترميم کان پوءِ لڳي ٿو ته جج حضرات پنهنجو ڪاوڙ وڪيلن تي ڪڍي رهيا آهن، بلڪه انهن ماڻهن تي به جيڪي انهن وسيلي انصاف وٺڻ لاءِ اچن ٿا.ايمان کي هن سسٽم سامهون وڙهندي ڏسي مون کي عاصمه جهانگير ياد اچي ٿي، هوءَ اڄ توهان تي فخر ڪندي. هڪ اهڙي عورت جيڪا رواجن کي للڪاري ٿي ۽ نظام کي للڪارڻ جي جرئت رکي ٿي، اها واقعي هن ڌرتيءَ جي ڌي آهي. وڏن عهدن تي ويٺل ننڍا ماڻهو هن عظمت کي گهٽائي نٿا سگهن،پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ شيرين مزاري لکيو ته اندازو ڪريو ته هڪ جج وڪيل عورت کي سندس مڙس آڏو ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي،عدليه پنهنجو وقار پاڻ گهٽائي رهي آهي،صحافي حسنات ملڪ لکيو ته ڇا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ان واقعي جو نوٽيس وٺندي؟احتشام ڪياني لکيو ته هڪ وڏي عهدي تي ويٺل جج  جو عورت وڪيل سان ڌمڪي ۽ توهين وارو رويو انتهائي افسوسناڪ آهي،پي ٽي آءِ اڳواڻ قاسم خان سوري چيو ته عدالتن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي،ڇا عدليه ۾ ڪو قانون کان مٿانهون انسان آهي،اسٽيبلشمينٽ کي ان قسم جا ماڻهو خبر ناهي ڇو پيارا هوندا آهن؟ايمان مزاري سان پيش آيل واقعي تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.