ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سيءَ) جي اجلاس ۾ صوبي جي تفريحي ماڳ تي خرچ ڪيل ڪروڙن روپيا خرچ ٿيڻ جي باوجود اتي ريزورٽ، روڊ رستن ۽ ٻين ترقياتي اسڪيمن سميت فرنيچر ۽ ٻين شين جي خريداريءَ ۾ اربين روپين جي بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي. ثقافت ۽ ٽوئرزم کاتو گورک هل اسٽيشن بابت رڪارڊ آڊٽ کي فراهم نه ڪري سگهيو. پي اي سيءَ گورک هل اسٽيشن بابت لاڳاپيل آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ڪندڙ لاڳاپيل آفيسرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. خميس ڏينهن پي اي سيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽيءَ جي ميمبرن قاسم سراج سومرو، مخدوم فخرالزمان، طاحه احمد سميت سيڪريريٽري ڪلچر ۽ ٽوئرزم خيرمحمد ڪلوڙ، ڊي جي گورک هل اسٽيشن اٿارٽي عطاءُ الله سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ثقافت ۽ ٽوئرزم کاتي، گورک هل اسٽيشن اٿارٽي بابت سال 25-2024ع جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. ڊي جي آڊٽ سنڌ آڊٽ پيرا تي اعتراض واريندي چيو ته گورک هل اسٽيشن تي ريزورٽ سميت ٻين روائيز ڪيل ترقياتي اسڪيمن لاءِ 3 ارب روپين کان وڌيڪ جي رقم جاري ڪئي وئي پر ان رقم مان 177 ملين جي رقم جو رڪارڊ جو فراهم نه ڪيو ويو آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته فنڊن جو غلط استعمال ۽ بي ضابگيون ٿيون آهن جنهن تي ڪلچر ۽ ٽوئرزم جي سيڪريٽري پي اي سيءَ کي ٻڌايو ته گورک هل اسٽيشن جو رڪارڊ نيب کڻي وئي هئي ۽ رڪارڊ جي حوالگيءَ لاءِ نيب کي خط پڻ لکيا آهن پر اڃان تائين اُهو رڪارڊ نه مليو آهي جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو پڇاڻو ڪيو ته گورک هل اسٽيشن بابت ڪهڙن سالن جو رڪارڊ نيب وٽ آهي؟ جڏهن ته نيب رڪارڊ جي ڪاپي ته کاتي ڏني هوندي. جنهن تي ڊي جي گورک هل اسٽيشن عطاءُ الله ٻڌايو ته گورک هل بابت نيب 2018ع تائين جو رڪارڊ کڻي وئي هئي. پي اي سي چيئرمين چيو ته آڊٽ پيرا ته سال 24-2023ع جون آهن ته هنن سالن جو رڪارڊ ڪٿي آهي؟. ڊي جي گورک هل چيو ته 2023ع کان پوءِ گورک هل لاءِ هڪ روپيو به جاري نه ڪيو ويو آهي نه ئي گورک هل اسٽيشن لاءِ ڪو ٽينڊر جاري ٿيو آهي. پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو چيو ته جيڪڏهن 2023ع کان پوءِ هڪ روپيو به جاري نه ٿيو آهي ته پوءِ 24-2023ع ۾ گورک هل اسٽيشن جي ريزورٽ ۽ ٻين روائيز اسڪيمن تي 3 ارب روپيا ڪيئن ۽ ڪٿي خرچ ٿيا؟. اجلاس ۾ ثقافت ۽ ٽوئرزم کاتو ۽ گورک هل اسٽيشن اٿارٽي جون اختياريون پي اي سيءَ کي گورک هل بابت سال 24-2023ع جو آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ڪري سگهيون. اجلاس ۾ سال 24-2023ع ۾ گورک هل اسٽيشن تي ريسٽ هائوس جي ڪمرن لاءِ 2 ڪروڙ 44 لک روپين جي رقم مان صوفا سيٽ، ڪرسيون، ڪنگ سائيز بيڊ، بيڊ جا گَدَا، چانهه ۽ ڪافي واري ٽيبل ۽ سينٽرل ٽيبل سميت ٻئي فرنيچر جي خريداريءَ جو رڪارڊ به آڊٽ کي فراهم نه ڪيو ويو جنهن تي پي اي سيءَ گورک هل اسٽيشن بابت آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ڪندڙ لاڳاپيل آفيسرن کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اجلاس ۾ گورک هل اسٽيشن لاءِ ثقافت کاتي پاران اسٽينڊ اي سي ۽ اسپلٽ اي سي سميت ايل اِي ڊي ٽي وي ۽ ٻيون شيون مارڪيٽ ريٽ کان وڌيڪ جي رقم تي 6 ڪروڙ روپين ۾ خريد ڪرڻ جو پڻ انڪشاف سامهون آيو. ڊي جي آڊٽ چيو ته گورک هل لاءِ جيڪي اسٽينڊ ايئرڪنڊيشن خريد ڪيون ويون انهن جو مارڪيٽ ريٽ فی اي سي 3 لک 30 هزار روپيه هيو جڏهن ته کاتي پاران اُها اسٽينڊ اي سي 10 لک 50 هزار روپين ۾ خريد ڪئي وئي. جڏهن ته اسپلٽ اي سي جو مارڪيٽ ريٽ 2 لک روپيه هيو ۽ اُها اسپلٽ اي سي 4 لک 50 هزار روپين ۾ خريد ڪئي وئي جنهن تي سيڪريٽري ڪلچر پي اي سيءَ کي ٻڌايو ته گورک هل لاءِ ايئرڪنڊيشن سميت ٻين شين جي خريداريءَ لاءِ ٽينڊر ڪيو ويو هو ۽ گهٽ ريٽ آڇ ڪندڙن کي شين جي فراهميءَ جو ٺيڪو ڏنو ويو هو. اجلاس ۾ گورک هل اسٽيشن جي ريزورٽ جي ڪمن جي اسڪيم لاءِ 2 ارب 89 ڪروڙ روپيه خرچ ٿيڻ ۽ ريزورٽ جو ڪم مڪمل ٿيڻ کان اڳ ٺيڪيدارن کي 94 سيڪڙو رقم جاري ڪرڻ باوجود ٺيڪيدارن ريزورٽ جو ڪم مڪمل نه ڪيو. اجلاس ۾ ثقافت کاتي پاران گورک هل اسٽيشن جي ريزورٽ جي ڪمن لاءِ 2 ارب 89 ڪروڙ روپين مان منصوبي جو ڪم مڪمل ٿيڻ کان اڳ ٺيڪيدارن کي 94 سيڪڙو رقم جاري ڪري ريزورٽ جي ترقياتي ڪمن کي ڪينسل ڪرڻ جو پڻ انڪشاف سامهون آيو. پي اي سيءَ گورک هل اسٽيشن جي ريزورٽ جي ڪمن لاءِ 2 ارب 89 ڪروڙ روپيه خرچ ٿيڻ باوجود ريزورٽ جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ بابت جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ ۾ گورک هل جي ترقيءَ لاءِ اٿارٽي ٺاهي وئي پر گورک هل تي اڃان تائين ڪم مڪمل نه ٿيو آهي ۽ گورک هل جو منصوبو پڻ آر بي او ڊي وانگر بدناميءَ جو سبب بڻجي چڪو آهي. سيڪريٽري ڪلچر چيو ته گورک هل اسٽيشن جا روڊ رستا انجنيئرنگ فالٽ سبب بدناميءَ جو سبب بڻيا آهن ڇاڪاڻ ته بلوچستان جي پهاڙن جو پاڻي گورک هل جي روڊن رستن کي نقصان پهچائي ٿو. ان موقعي تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو چيو ته گورک هل اسٽيشن سنڌ جو اهم تفريحي ماڳ آهي ان ڪري ان منصوبي تي ڪم گهرجي.