ٻوڏ کي جواز بڻائي اٽي، چانورن ۽ ڀاڄين جي اگهن ۾ هٿرادو واڌ

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)پاڪستان ۾ گذريل هڪ مهيني دوران پيدا ٿيل ٻوڏ واري  صورتحال جي تناظر ۾ سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ، اٽي ۽ چانورن جون قيمتون وڌي ويون آهن. فلور ملز مالڪن، غله منڊي ۽ دڪاندارن جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سبب جنسن جي فراهمي متاثر ٿي آهي جنهن ڪري قيمتون وڌيون آهن، پر ماهرن جو خيال آهي ته هي اضافو "مصنوعي” آهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته اٽي جي قيمت ۾ واڌ جو اصل سبب ٻوڏ نه پر ذخيره اندوزي ۽ منافعي خوري آهي.گذريل ٻن هفتن دوران 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو، جيڪو اڳ 1450 رپيا هو، ڪجهه هنڌن تي وڌي 2500 رپيا تائين پهچي ويو آهي. فلور ملز مالڪن موجب مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ گهٽ ملي رهي آهي ۽ وڏي اگهه تي وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته ٻوڏسبب ڪيتريون ئي وڏا گودام متاثر ٿيا ۽ سپلاءِ لائنون به ٽٽيون آهن.ساڳئي وقت، چانورن جي واپارين جو چوڻ آهي ته سيلاب سان فصل کي وڏو نقصان ٿيو آهي جنهن ڪري 25 ڪلو ٿيلهي جي قيمت ۾ سراسري طور هڪ هزار رپيا واڌ ٿي آهي، يعني چانور 40 رپيا في ڪلو تائين مهانگا ٿيا آهن.پاڪستان ۾ هر سال سيپٽمبر کان پوءِ ڪڻڪ ۽ اٽي جون قيمتون وڌن ٿيون ڇو ته ان وقت اسٽاڪ ختم ٿيڻ بعد ماڻهن کي مارڪيٽ مان آٽو وٺڻو پوي ٿو. فلور ملز به مارڪيٽ مان ڪڻڪ وٺي پيستيون آهن. حڪومت عام طور تي هن صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ گودامن مان ڪڻڪ جاري ڪندي آهي يا درآمد ڪندي آهي.زرعي ماهرن جو چوڻ آهي ته سيلاب سان زرعي نقصان ضرور ٿيو آهي، پر اهو ايترو وڏو نه آهي جو خوراڪ جي سلامتيءَ لاءِ خطرو بڻجي. پر ڪجهه ذخيره اندوز ۽ واپاري سيلاب کي جواز بڻائي جنسن جي قيمتن ۾ مصنوعي واڌ ڪري رهيا آهن، جنهن جو بار سڌو سنئون عام ماڻهوءَ تي پئجي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.