دبئي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ 2025 ۾ پاڪستان کي پهرين ميچ کان اڳ ڌچڪو لڳي ويو، ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان سلمان علي آغا ڳچيءَ جي تڪليف جو شڪار ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب، سلمان علي آغا گذريل ڏينهن پريڪٽس سيشن دوران ڳچيءَ ۾ تڪليف سبب مڪمل پريڪٽس نه ڪري سگهيو هو.
ٽيم مئنيجمينٽ جو چوڻ آهي ته احتياط سبب ڪپتان پريڪٽس ۾ حصو نه ورتو، پر اميد آهي ته عمان خلاف پهرين ميچ کان اڳ مڪمل فٽنيس حاصل ڪري وٺندو.
You might also like