ايپل بلڊ پريشر جي نگراني سميت جديد فيچر رکندڙ واچ متعارف ڪرائي ڇڏي

ايپل پنهنجي سالياني ايپل ايونٽ 2025 دوران نئين الٽرا واچ 3 جو باقاعدي اعلان ڪري ڇڏيو، ان سان گڏ ڪمپني پنهنجو نئون فليگ شپ سمارٽ فون آئي فون 17 ۽ ٻيون شيون به پيش ڪيون.
ايپل واچ الٽرا 3 ڪمپني جي هيل تائين جي سڀ کان وڏي سمارٽ واچ آهي، جنهن ۾ جديد ترين اوليڊ ريٽينا ڊسپلي ۽ بهتر رُخ سان ڏسڻ جي صلاحيت شامل آهي. نئين واچ جي بيٽري 42 ڪلاڪ تائين هلندي، جيڪا ڪنهن به ايپل واچ جي سڀ کان ڊگهي بيٽري لائف آهي.
نئين واچ ۾ ايپل جو جديد ترين S10 چپ سيٽ لڳايل آهي، جيڪو اڳئين S9 چپ جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيز ۽ اثرائتي ڪارڪردگي فراهم ڪري ٿو.
ايپل واچ الٽرا 3 ۾ پهريون ڀيرو هاءِ بلڊ پريشر جي نگراني ڪرڻ وارو فيچر به شامل ڪيو ويو آهي، اهو فيچر واهپيدار کي وقت تي اطلاع ۽ صحت جي امڪاني خطري کان بچاءَ لاءِ مشورو به ڏئي ٿو.
ايپل واچ الٽرا 3 ۾ نئون سيٽلائيٽ ٽيڪسٽنگ وارو فيچر به ڏنو ويو آهي، جيڪو ڏورانهن علائقن ۾، جتي موبائل نيٽ ورڪ موجود نه هوندو، اتي هنگامي پيغام موڪلڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
ايپل واچ الٽرا 3 جي قيمت 799 ڊالر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اها واچ 19 سيپٽمبر 2025 کان واهپيدارن لاءِ موجود هوندي، في الحال اها واچ پري آرڊر لاءِ دستياب آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.