اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ رشتو نه ملڻ تي عورت تي تيزاب هارڻ جي ڏوهه ۾ عمر قيد جي سزا ماڻيندڙ جوابدار فاروق شاهه جي ڪيس ۾ شامل دهشتگردي جا قلم خارج ڪري ڇڏيا.
درخواستگذار فاروق شاهه عمر قيد جي سزا خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي، جنهن جي ٻڌڻي جسٽس هاشم ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ ڪئي.
ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل موقف پيش ڪيو ته سندس اصيل کي 13 سالن کان جيل ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته شاهدن جي بيانن ۾ تضاد موجود آهي.
پر فريادي جي وڪيل چيو ته رشتو نه ملڻ تي جوابدار عورت تي تيزاب هاريو، جنهن جا سنگين نتيجا نڪتا.
ڪيس ۾ دهستگردي جا قلم شامل ڪرڻ بابت پڇاڻي تي فريادي جي وڪيل وضاحت ڪئي ته پنجاب ۾ 2012 ۾ قانون ۾ ترميم ڪري تيزاب گردي کي دهشتگردي روڪ شيڊيول ۾ شامل ڪيو ويو ته جيئن تڪڙي ٽرائل مڪمل ٿئي، جڏهن ته هي واقعو 2013 جو آهي.
عدالت ڪيس مان دهشتگردي جا قلم خارج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
جسٽس هاشم ڪاڪڙ ريمارڪس ڏنا ته جوابدار عورت تي تيزاب هاري انتهائي غلط ڪم ڪيو، ناڪام عاشق هو ته پاڻ کي ماري تاريخ ۾ نالو لکرائي ها.
عدالتي فيصلي موجب دهشتگردي جا قلم ختم ٿيڻ کانپوءِ جوابدار عمر قيد جي سزا مڪمل ٿيڻ تي آزاد ٿي ويندو.
You might also like