لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) ناليواري آمريڪي گلوڪارا ۽ اداڪارا سلينا گومز چيو آهي ته مان سڄي زندگي وزن جي مسئلن کي منهن ڏنو آهي، جنهن سبب ذهني دٻاءَ ۾ به مبتلا رهي آهيان.
هڪ تازي انٽرويو ۾ 33 ورهين جي سلينا گومز اعتراف ڪيو ته مان پنهنجي زندگي ۾ وزن جي حوالي سان ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏنو آهي، ان معاملي ۾ مان گهڻي حساس آهيان.
هن انڪشاف ڪيو ته مان ڪيترين ئي بيمارين ۾ مبتلا رهي آهيان ۽ علاج دوران اڪثر دوائن جي استعمال سبب وزن تيزي سان وڌي ويندو آهي ۽ جڏهن علاج ختم ٿيندو آهي ۽ دوائون بند ٿينديون آهن ته وزن وري گهٽجڻ لڳندو آهي.
سندس چوڻ هو ته جڏهن ڪو باڊي شيمنگ ڪندو آهي ته ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي، ڇو ته مان ڪيترن ئي سالن کان ان مسئلي مان گذري رهي آهيان ۽ ان معاملي ۾ گهڻي حساس آهيان.
واضح رهي ته سلينا گومز 2022 ۾ باڊي شيمنگ کان تنگ اچي مداحن کي چيو هو ته مان ماڊل ناهيان ۽ جهڙي آهيان ٺيڪ آهيان، منهنجي لاءِ دوائون اهم آهن ۽ مون کي يقين آهي ته اهي ئي منهنجي مدد ڪنديون.
Prev Post
You might also like