لنڊن (ويب ڊيسڪ)مشهور ڪاميڊين ۽ سوشل ميڊيا سيليبريٽي چاهت فتح علي خان تي برطانيا ۾ آنن سان حملو ڪيو ويو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
وائرل وڊيو ۾ چاهت فتح علي خان خوشگوار موڊ ۾ مداحن سان سيلفي ۽ وڊيوز ٺهرائيندي نظر اچي رهيو، ان دوران پر اوچتو ٻه ماڻهو مٿس آنن سان حملو ڪري فرار ٿي وڃن ٿا.
وڊيو ۾ حملو ڪندڙن جا چهرا نظر پيا اچن، ان موقعي تي چاهت فتح علي خان سان تصويرون ڪڍائيندڙ مداح به حيران ٿي ويا، جڏهن ته ڪاميڊين پاڻ به پريشان نظراچي رهيو هو.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته حملي کان پوءِ ڀڄندڙ ماڻهو چاهت فتح علي خان جو گانو ’بدو بدي‘ به ڳائي رهيا هئا.
چاهت فتح علي خان تي آنن سان حملي واري وڊيو وائرل ٿيڻ کا پوءِ سوشل ميڊيا واهپيدار ردعمل ڏيندي حملي جي مذمت ڪئي.
هڪ واهپيدار لکيو ته ”جيتوڻيڪ کيس چاهت فتح علي خان جي ڳائڻ جو انداز پسند نه آهي، پر آنن سان حملو نامناسب عمل آهي.“
واهپيدرن مطالبو ڪيو ته ڪيو ته حملي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.
You might also like