اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڪير خوش فهمي ۾ نه رهي، اڄ غزا ته سڀاڻي ڪنهن ٻئي جو وارو ايندو.
پنهنجي بيان ۾ خواجا آصف چيو ته غزا جي مسلمانن ۽ ٻارن جو رت ضرور رنگ لائيندو، الله پاڪ فلسطينين جو آواز ضرور ٻڌندو.
هن چيو ته اڄ فلسطيني نشانو بڻجي رهيا آهن پر اهو وقت پري ناهي جڏهن سڀني جو وارو ايندو، ڪو خوش فهمي ۾ نه رهي، اڄ غزا آهي ته سڀاڻي ٻئي ڪنهن جو وارو اچي سگهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان پاڻ کان وڏي دشمن کي شڪست ڏني، اسان کي الله پاڪ تي يقين هو ۽ جذبو هو، تنهن ڪري ڀارت کي هارايوسين، عرب ملڪن وٽ جديد ٽيڪنالاجي ۽ جهاز آهن، اهي هر ٽيڪنالاجي خريد ڪري سگهن ٿا پر سيني ۾ ايمان جي قوت هجڻ گهرجي، عرب ملڪ اسان جا ڀائر آهن ۽ اسان انهن جي مدد لاءِ هر وقت تيار آهيون.
خواجا آصف چيو ته اولهه ملڪن جي سياست صيهوني طاقتورن جي قبضي ۾ آهي، آمريڪي قانون ساز اسرائيل جي حمايت ڪندا آهن، جيڪو جمهوريت سان مذاق آهي، اهي پنهنجي عوام کان ووٽ وٺندا آهن پر ٽين طاقت جي تابعداري ڪندا آهن.
هن چيو ته گذريل 6 مهينن ۾ دنيا جي راءِ تبديل ٿي آهي، فلسطينين پنهنجو رت ڏئي عالمي ضمير کي جنجهوڙيو آهي ۽ اسرائيل هوريان هوريان دنيا ۾ اڪيلو ٿيندو پيو وڃي.
بچاءَ واري وزير چيو ته ايس سي او ۾ نئون الائنس ۽ نئين طاقت اڀري سامهون آئي آهي، جيڪا عالمي سياست تي اثرانداز ٿيندي، اولهه ميڊيا جو به ضمير جاڳي پيو آهي، جنهن تي اڳ ۾ صيهونين جو ڪنٽرول هو.
اڄ غزا ته سڀاڻي ڪنهن ٻئي جو وارو ايندو، عرب ملڪن وٽ جديد ٽيڪنالاجي آهي پر ايمان جي قوت هجڻ گهرجي: خواجا آصف
Prev Post
Next Post
You might also like