ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان پيٽ ڪمنز ايشز سيريز ۾ شرڪت جي حوالي سان غير يقيني صورتحال شڪار آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب،آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز اڄڪلهه ڏينهن ۾ چيلهه جي تڪليف ۾ مبتلا آهي ۽ ايشز کان اڳ مڪمل فٽنيس حاصل ڪرڻ لاءِ پراميد آهي، پر ان سان گڏوگڏ پهرين ٽيسٽ تائين پاڻ کي فٽ ثابت ڪرڻ جي حوالي سان غير يقينيءَ جو شڪار آهي.
هو جولاءِ ۾ ويسٽ انڊيز جي دوري کان پوءِ چيلهه جي تڪليف جو شڪار ٿيو هو ۽ گذرندڙ وقت سندس پريشاني وڌائي رهيو آهي.
ڪمنز جي اسڪين ٽيسٽ ۾ هڏن ۾ دٻاءُ ( بون اسٽريس) جي تصديق ٿي آهي جنهن سبب کيس ڊوڙڻ ۽ بالنگ ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي.
پيٽ ڪمنز چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو ته کيس پرٿ ۾ انگلينڊ خلاف 21 نومبر کان شروع ٿيندڙ پهرين ٽيسٽ کان اڳ ئي پنهنجي فٽنيس ثابت ڪرڻي پوندي.
ان ڏس ۾ هن اميد ظاهر ڪئي ته هو پرٿ ٽيسٽ کان ڇهه هفتا اڳ بالنگ پريڪٽس شروع ڪندو.
هڪ تقريب دوران سندس چوڻ هو ته ”اڃا ڪجهه وقت باقي آهي، انڪري مان ”في الحال ڏسو ۽ انتظار ڪريو“ واري پاليسي تي قائم آهيان.
هن چيو ته ايندڙ ڪجهه هفتا مڪمل آرام ڪرڻو آهي، جڏهن ته ان دوران ڊاڪٽرن ڊوڙڻ ۽ بالنگ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
پيٽ ڪمنز جو چوڻ هو ته آسٽريليا وٽ فاسٽ بالنگ شعبي ۾ کوڙ آپشنز موجود آهن، اسان ان معاملي ۾ بهتر پوزيشن ۾ آهيون، ڪيترائي پيسرز موقعي جي اوسيئڙي ۾ آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، جيڪڏهن پيٽ ڪمنز ايشز سيريز جي پهرين ايشز ٽيسٽ کان اڳ مڪمل فٽ نه ٿيو ته ٽيم ۾ سندس جاءِ اسڪاٽ بولينڊ کي والاري سگهي ٿو، جڏهن ته ڪينگرو بالنگ اٽيڪ ۾ تجربيڪار مچل اسٽارڪ، جوش هزل ووڊ ۽ نٿن ليون جي شموليت يقيني آهي.
You might also like