ڪراچي: ڀٽائي آباد ۾ تکي اوزار سان حملو ڪري 3 عورتون قتل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ملير ڪينٽ ٿاڻي جي حدن ڀٽائي آباد ۾ هڪ گهر ۾ تکي اوزار سان ٽن عورتن کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻارڙيءَ سميت ٻه زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ڀٽائي آباد ۾ هڪ گهر مان ٽن عورتن جا ڳلو ڪپيل لاش هٿ آيا، مقتولن جي سڃاڻپ مينا، عائشا ۽ دانيا جي نالن سان ٿي.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس پهچي وئي، جتان هڪ ڇوڪريءَ کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن جي سڃاڻپ نندني جي نالي سان ٿي.
ايس ايس پي ملير عبدالخالق پيرزادا موجب هڪ مرد کي به زخمي حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو آهي، جنهن جي سڃاڻپ اجي جي نالي سان ٿي آهي.
هن ٻڌايو ته نندي پوليس کي بيان ڏنو آهي ته سندس مامي اجي اڳ ۾ ٽنهي عورتن کي ڇُري سان وار ڪري قتل ڪيو، پوءِ ان کي به مارڻ جي ڪوشش ڪئي پر هوءَ اتان ڀڄي وئي.
سندس چوڻ هو ته امڪاني طور اجي ان واقعي کانپوءِ آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جوابدار کي اسپتال مان ئي حراست ۾ ورتو ويو آهي، ٻارڙيءَ جي بيان کانپوءِ ڪيس واضح ٿي چڪو آهي پر پوليس طرفان مڪمل جاچ ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.