ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽيليويزن جي ناليواري اداڪار علي گوني انڪشاف ڪيو آهي ته کيس هڪ پوڄا دوران هندو مذهب جو روايتي نعرو نه هڻڻ تي موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، علي گوني سوشل ميڊيا تي ٽرولز تي تنقيد ڪندي چيوته ذاتي عقيدن ۽ مذهبي آزاديءَ تي حملو ناقابلِ برداشت آهي.
اداڪار جو چوڻ هو ته ڪجهه انتها پسند عنصر سندس ساٿي فنڪاره ۽ ويجهي دوست جيسمين ڀسِين کي به نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ کيس به قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.
مسلمانن خلاف ناڪاري روين تي سخت ردعمل ڏيندي علي گوني واضح ڪيو ته ”جيڪو به منهنجي ماءُ، ڀيڻ يا جيسمين بابت ڪجهه چوندو، مان ڪڏهن به برداشت نه ڪندس.“
علي گوني وڌيڪ چيو ته هر شخص کي پنهنجن عقيدن ۽ مذهب موجب زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي ۽ ڪنهن مٿان به مخصوص مذهبي نعري يا رسمن رواجن کي زبردستي مڙهڻ صحيح ڳالهه نه آهي.
سوشل ميڊيا تي مسلمانن سميت ٻين مذهبن سان واسطو رکندڙ واهپيدارن به علي گوني جي موقف جي حمايت ڪري رهيا آهن.
You might also like