ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته لساني سياست کان پاسو ڪيو وڃي، ڇو ته قوم اڳ ئي ان جي ڳري قيمت ادا ڪري چڪي آهي.
ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار تي صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت اڃا تائين عالمي سطح تي مدد جي اپيل ناهي ڪئي، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان کي عالمي سطح تي اپيل ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ جي صورتحال آهي، ڪچي جي ماڻهن سان سهڪار ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ حڪومت جي ترجيح ماڻهن جون حياتيون بچائڻ آهي، جيڪڏهن اسان متحد هونداسين ته هر آزمائش تي پورا لهنداسين.
سندس چوڻ هو ته برسات کانپوءِ ڪيترائي موسمي ڏيڏر نڪري آيا آهن ۽ بي بنياد ڳالهيون ڪري رهيا آهن، لساني سياست نه ڪئي وڃي، قوم اڳ ئي ان جي ڳري قيمت ادا ڪري چڪي آهي، برسات دوران انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندا روڊن تي موجود رهيا ۽ پنهنجون ذميواريون نڀائيندا رهيا، مسئلا ضرور آهن پر انهن کي حل ڪري رهيا آهيون، غلط ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، اسان پنهنجي ڪم مان مطمئن آهيون.
لساني سياست نه ڪئي وڃي، برسات ۾ انتظاميا متحرڪ رهي، پنهنجي ڪم مان مطمئن آهيون: مراد علي شاهه
You might also like