سنڌ جي هارين لاءِ اهم خبر، محمد بخش مهر وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي زراعت واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته صوبي ۾ لکين نون رجسٽرڊ هارين کي بينظير هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ ان سلسلي ۾ زراعت کاتي سنڌ بينڪ کي ڪارڊ جي تياري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
صوبائي وزير موجب سنڌ ۾ 80 هزار نون هارين جي رجسٽريشن ۽ تصديق مڪمل ٿي چڪي آهي، سنڌ بينڪ هلندڙ مهيني جي آخري هفتي ۾ ڪارڊ جاري ڪندي، ڪارڊ ذريعي هارين کي سبسڊي ۽ مالي مدد فراهم ڪئي ويندي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت ڊرپ ايريگيشن سسٽم کي سولر تي منتقل ڪرڻ لاءِ به وڏو فيصلو ڪيو آهي، ان اسڪيم تحت 5 کان 25 ايڪڙ تائين زرعي زمين رکندڙ هارين کي سبسڊي تي سولر پاور پينل فراهم ڪيا ويندا.
منصوبي تحت 4 هزار ايڪڙ زمين تي سولر پاور پينل جا 295 يونٽ لڳايا ويندا، 20 سيڪڙو خرچ هاري، جڏهن ته 80 سيڪڙو سنڌ حڪومت برداشت ڪندي.
سول پينل حاصل ڪرڻ جا خواهشمند هاري 20 سيپٽمبر تائين ڊائريڪٽر جنرل زراعت واٽر مينيجمينٽ، حيدرآباد جي آفيس ۾ پنهنجون درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.