اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد مختلف يوٽيوب چينلن جي بندش جو فيلصو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد 27 يوٽيوب چينلن جي بندش جي معاملي تي 11 يوٽيوبرز جي اپيلن تي محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
عدالت جڊيشل ميجسٽريٽ جي فيصلي خلاف 11 يوٽيوبرز جون اپيلون منظور ڪري ورتيون ۽ جڊيشل ميجسٽريٽ جو چينلن جي بندش بابت فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، مطيع الله جان، اسد طور، عبدالقادر ۽ ٻين جون درخواستون منظور ڪيون ويون.
جڊيشل ميجسٽريٽ جي فيصلي خلاف مجموعي طور تي 11 يوٽيوبرز اپيلون داخل ڪيون هيون، عدالت ٻڌڻي هيٺ 11 اپيلن جي حد تائين فيصلو ٻڌايو.
You might also like