دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ وومينز ڪرڪيٽ ورلڊڪپ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو رڳو عورتن تي ٻڌل امپائرز ۽ ميچ ريفريز جي پئنل تحت کيڏيو ويندو.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيتوڻيڪ ويجهڙائي وارن ٽنايونٽن (2022 ڪامن ويلٿ گيمز برمنگھم ۽ ٻه آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ) مڪمل طور تي عورتن تي ٻڌل ميچ آفيشلز پئنل سان کيڏيا ويا هئا، پر وومينز ون ڊي ورلڊڪپ جي تاريخ ۾ هي پهريون موقعو آهي.
وومينز ورلڊڪپ جو 13هون ايڊيشن 30 سيپٽمبر کان ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ کيڏيو ويندو.
ٽورنامينٽ 14 امپائرز جي هڪ گروپ جي نگراني ۾ ٿيندو جن ۾ ڪليئر پولو سيڪ، جڪلين وليمز، سو ريڊفرن، لارين ايجنباگ ۽ ڪِم ڪاٽن شامل آهن.
آءِ سي سي موجب، پولو سيڪ، وليمز ۽ ريڊفرن ”هلندڙ سال پنهنجي ٽئين ورلڊڪپ“ ۾ ذميواري نڀائينديون، جڏهن ته لارين ايجنباگ ۽ ڪِم ڪاٽن پنهنجي ڪيريئر ٻئي ورلڊڪپ ۾ پنهنجا فرض ادا ڪنديون.
ورلڊڪپ لاءِ مڪمل طور تي عورتن تي ٻڌل ميچ آفيشلز جي پئنل ۾ 4 ميچ ريفريز پڻ شامل آهن، جن جا نالا ٽروڊي اينڊرسن، شاندري فرٽز، جي ايس لڪشمي ۽ مشيل پريرا آهن.
آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته چيئرمين جئه شاهه رڳو عورتن تي ٻڌل امپائرز پئنل کي وومينز ڪرڪيٽ لاءِ هڪ تاريخي لمحو قرار ڏيندي چيو ته هي فيصلو مستقبل ۾ عورتن لاءِ سڄي دنيا ۾ وڌيڪ ڪاميابين جا دَڳ کوليندو.
آءِ سي سي چيئرمين جو چوڻ هو ته ميچ آفشلز جو ”آل وومين پئنل“ شامل ٿيڻ نه رڳو هڪ اهم ڪاميابي آهي پر ڪرڪيٽ ۾ صنفي برابريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ آءِ سي سي جي عزم جو سگهارو اظهار پڻ آهي.
هن چيو ته اِها رڳو علامتي اڳڀرائي نه آهي، پر نظر ايندڙ تبديلي، موقعا پيدا ڪرڻ ۽ اهڙا بامعنيٰ رول ماڊلز جي جوڙجڪ بابت آهي، جيڪا ايندڙ نسلن کي متاثر ڪندي.
جئه شاهه جو چوڻ هو ته اسان کي عورتن جي ڪرڪيٽ جي ترقيءَ جي هڪ نئين باب کي قبولڻ تي فخر آهي، اسان کي يقين آهي ته هن قدم جو اثر رڳو هن ٽورنامينٽ تائين محدود نه رهندو، پر وڌيڪ عورتن کي امپائرنگ جي شعبي ۾ اچڻ جي ترغيب ڏيندو.
ياد رهي ته وومينز ون ڊي ورلڊڪپ جو 13هون ايڊيشن 30 سيپٽمبر کان شروع ٿيندو، جتي پاڪستان هائبرڊ ماڊل تحت پنهنجون هڙئي ميچون سريلنڪا ۾ کيڏندو.
آءِ سي سي سومر ڏينهن ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ ٿيندڙ وومينز ڪرڪيٽ ورلڊڪپ لاءِ هڪ ڪروڙ 38 لک 80 هزار ڊالر جي رڪارڊ انعامي رقم جو اعلان ڪيو هو.
Prev Post
You might also like