ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ملڪي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن جا تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.
اسٽيٽ بينڪ موجب ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 5 سيپٽمبر تي ختم ٿيندڙ ڪاروباري هفتي ۾ 2.14 ڪروڙ ڊالر وڌيا.
5 سيپٽمبر تائين ذخيرا 19.68 ارب ڊالر رهيا، اسٽيٽ بينڪ جا ذخيرا 3.38 ڪروڙ ڊالر واڌ سان 14.33 ارب ڊالر رهيا، جڏهن ته ڪمرشل بينڪن جا ذخيرا 1.24 ڪروڙ ڊالر گهٽجي 5.34 ارب ڊالر رهيا.
You might also like