کٽمنڊو(م ڊ) نيپال جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ سندس زال، پرڏيهي وزير ڊاڪٽر آرزو رانا ڏيوبا تي نوجوان مظاهرين لٺين سان حملو ڪيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي نيپال ۾ جاري بدعنواني خلاف احتجاجي مظاهرن جون وڊيوز تيزيءَ سان شيئر ٿي رهيون آهن، هڪ وائرل وڊيو ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته نوجوان مظاهرين اڳوڻي وزيراعظم کي لتون، مُڪون ۽ لٺيون هڻي سخت تشدد ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سندن زال پرڏيهي وزير به مُڪن جو نشانو بڻجي ٿي، مظاهرين سندن رهائشگاهه کي به نقصان پهچايو، پرڏيهي وزير ڊاڪٽر آرزو رانا ڏيوبا، ماضي ۾ چار ڀيرا وزيراعظم رهندڙ شير بهادر ڏيوبا جي گهرواري آهي.