ڪراچي(سوشل ميڊيا)پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا تي نيپال جهڙي انقلاب تي بحث ڇڙي پيو آهي،آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير حسين حقاني ايڪس(ٽوئيٽر) تي لکيو آهي ته نيپال ۾ نوجوانن کي سڀ کان وڌيڪ ڪاوڙ انهن بااثر ۽ امير گهرانن جي ٻارن تي آهي، جيڪي پنهنجي والدين جي اثر رسوخ جي بنياد تي ڪڏن ٿا.اهو مسئلو پاڪستان ۾ به موجود آهي۔ ”تون ڄاڻين ئي نٿو ته مان ڪير آهيان“ ۽ ”منهنجو پيءُ توسان حساب ڪندو“ جهڙو رويو هڪ اهڙو زهر آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ نهايت ضروري آهي،صحافي عمر چيما هڪ نجي ٽي وي تي چيو ته اسان جين زي(نوجوان نسل) کي اوواسٽيميٽ ڪريون ٿا،انهن ڪڏهن ڪو ڪتاب ناهي پڙهيو،سوشل ميڊيا ريلون ڏسي ڏسي انهن اندر شعور آيو آهي،انقلاب کانپوءِ تباهي ايندي آهي،هڪ قبضا گروپ جي جاءِ ٻيو قبضا گروپ وٺندو آهي،اسان جي حڪمران اشرافيه عوامي ڪاوڙ جو سبب بڻيل آهي،نيپال ۾ اشرافيه جو لائيف اسٽائل ڪاوڙ جو سبب بڻيو،اينڪر شهزاد اقبال چيو ته روس ۽ فرانس ۾ انقلاب وقت ته ڪا سوشل ميڊيا نه هئي،هميشه غريب ئي اشرافيه خلاف انقلاب آڻيندا آهن،صحافي حسن ايوب چيو آهي ته نيپال جي پاڪستان سان ڪا به ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ اڍائي لک پنجاب پوليس موجود آهي۔جيڪڏهن عوام ڪنهن به قسم جي ڪوشش ڪئي ته صرف پنجاب پوليس ئي انهن لاءِ ڪافي ثابت ٿيندي،ٽوئيٽر تي شهزاد نالي صارف لکيو ته نيپال جا نوجوان ايليٽ حڪمرانن جي تجوڙين کي گهٽين ۾ لٽائي رهيا آهن۔حڪمران طبقي کي سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن وسيلن جي ورهاست نه ڪئي ويندي، جيڪڏهن پنهنجي مراعتن ۾ لڳاتار اضافو ڪندا ۽ غريبن جو جيئڻ مڪمل طور عذاب بڻائي ڇڏيندا ته هڪ ڏينهن اهي غريب پاڻ اهو مال لٽي وٺندا ۽ اوهان کي به گهليندا،صحافي معيد پيرزادي لکيو ته نيپال تقريبن 100 سالن بعد اڄ پنهنجو اصل جشن آزادي ملهائي رهيو آهي،اهو پاڪستان ۾ ڇو نه ٿي سگهيو؟پي ٽي آءِ اڳواڻ فلڪ جاويد لکيو ته نيپال ۾ انقلاب گهرن جي ڇتين تان نه آيو،اسان نڪرنداسين ته خان به نڪرندو،صحافي انصار عباسي لکيو ته جرنيلن کي سياست کان پري رکڻ جي حڪمتِ عملي ضروري آهي، پر اهو ڪندي پنهنجي فوج کي نشانو نه بڻايو۔جيڪڏهن فوج جي قدر ڄاڻڻي آهي ته قطر، ڪويت، عراق، ليبيا وغيره کان پڇو۔۽ اهو به ياد رکو ته اسان جي فوج ڀارت خلاف جهاد ۾ جيڪا عزت حاصل ڪئي، تنهن جو مسلم امت کي ڏهاڪن کان انتظار هو،جاويد مسعود لکيو ته سر، هر ڪو بنگلاديش، نيپال، انڊونيشيا، سري لنڪا وغيره جون مثالون ڏئي ٿو ته اُتي انقلاب آيو آهي، پر ڪو به اهو نٿو ٻڌائي ته پاڪستان 75 سالن کان هڪ سيڪيورٽي اسٽيٽ آهي، اها ڪڏهن به عوامي فلاح جي رياست نه رهي آهي۔ تنهنڪري هتي انقلاب اچڻ ڪا مذاق واري ڳالهه ناهي۔
اسلام آباد(اسد طور) ڏکڻ ايشيا جون گهٽيون هڪ ڀيرو ٻيهر عوامي انقلاب سان گونجي رهيون آهن،۔نيپال ۾ جڏهن حڪومت سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائي، تڏهن 14 کان 28 ورهين جا نوجوان روڊن تي نڪري آيا۔ صرف پنجن ڏينهن ۾ مڇريل نوجوانن جي لهر حڪومت کي لوڙهي وئي،خاص طور تي گذريل ٻن ڏينهن ۾ وزيراعظم شرما اولي ۽ سندس ڪابينا کي نوجوانن اهڙي طرح نشانو بڻايو، جو هو سنڀالي نه سگهيا ساڳئي وقت سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل مواد نيپالي سياسي اشرافيه جي عياش زندگي ۽ ڪرپشن کي ننگو ڪري ڇڏيو، جنهن سان عوام جو غصو وڌيڪ ڀڙڪيو۔پاڪستان ۾ نيپال کان به وڌيڪ خوفناڪ حالتون آهن۔ هتي حڪمران ڏينهن رات اهڙي طرح ڪرپشن ڪري رهيا آهن ڄڻ ته هي سندن آخري ڏينهن هجي۔ موجوده سيٽ اپ تي عوام کي سخت ڪاوڙ آهي، هي نظام عدليه تي قبضو ڪري ۽ خوفزدہ ڪندڙ قانون ٺاهڻ سان هلايو پيو وڃي،ملڪ تي 93 کرب رپين جو قرض چڙهي چڪو آهي، جڏهن ته موجوده حڪومت روزانو 25 ارب رپين جو نئون قرض وٺي رهي آهي۔ پاڪستان جو موجوده قرض هاڻي پاڪستان جي GDP جي 82 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي۔ ۽ پوءِ به حڪومت اشتهارن ۾ ٻڌائي ٿي ته پاڪستان ترقي ڪري جاپان، آمريڪا، فرانس ۽ جرمني کي به پوئتي ڇڏي ويو آهي۔
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي سينيٽر ۽ ليگي اڳواڻ مشاهد حسين سيد ايڪس(ٽوئيٽر) تي لکيو آهي ته
ڏکڻ ايشيا ۾ ٽن سالن دوران ٽي حڪومتون ڪري پيون آهن ، سري لنڪا، بنگلاديش ۽ هاڻي نيپال ۾ ـ ڇاڪاڻتہ ڪرپٽ ۽ بي حس حڪمران طبقي پنهنجن عوام لاءِ بنيادي سهولتون به فراهم نه ڪيون۔ نتيجي طور عوام جي ڪاوڙ مقبول بغاوتن ۾ تبديل ٿي رهي آهي، اهڙي اقليت خلاف جيڪا پنهنجي مفاد لاءِ مبينا ”جمھوري“ نظام هلائي رهي آهي!سوال اهو آهي: ايندڙ قطار ۾ ڪير آهي؟