ڪراچي/حيدرآباد/سکر(رپورٽر/نمائندا) سنڌ ۾ برسات جاري رهي، ڪراچيءَ ۾ برسات سبب فوتگين جو انگ 7 ٿي ويو، حب، لياري، ملير، ٿڌو، لٽ۽ ٻيون نديون درياءُ بڻجي وهي آيون، علائقن ۾ فوج پهچي وئي. مسلسل ٻن ڏينهن جي وقفي وقفي سان برسات تباهي آڻي ڇڏي آهي.هيٺاهين وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا. تازين واقعن ۾ فوتگين جو انگ وڌي 7 ٿي ويو، جڏهن ته 3 ڄڻا اڃا تائين گم آهن. ميئر جي درخواست تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري پاڪ فوج کان مدد گهري، جنهن کان پوءِ پاڪ فوج، رينجرز ۽ ريسڪيو 1122 جي ٽيمون سرگرم ٿي ويون. شهر جي ڪيترن ئي علائقن مان سوين ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. گڏاپ جي ڪونڪر ندي ۾ ٽي گاڏيون لڙهڻ سبب 7 ڄڻا ٻڏي ويا، جن مان 3 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا، جڏهن ته 4 جي ڳولا جاري آهي.اڱاري جي رات شهر ۾ تيز برسات دوران گڏاپ سٽي ٿاڻي جي علائقي سپر هاءِ وي گڏاپ ٽائون ۾ ڪونڪر ندي ۾ رڪشو ۽ ٻه گاڏيون لڙهي ويون، جنهن سبب انهن ۾ سوار 7 ڄڻا ٻڏي ويا هئا. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون پهچي ويون ۽ ٻڏي ويلن جي ڳولا لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو هو پر ندي ۾ پاڻي جي تيز وهڪري سبب ريسڪيو آپريشن روڪيو ويو هو. اربع جي صبح ايڌي فائونڊيشن طرفان ٻڏي ويلن جي ڳولا لاءِ وڏي پيماني تي ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ عورت سميت 3 ڄڻن جا لاش ڪڍي گڏاپ ٽائون ٿاڻي منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته وڌيڪ 4 ڄڻن جي ڳولا جاري آهي . ريسڪيو خدمتن موجب برسات دوران مختلف واقعن ۾ وڌيڪ 3 ڄڻا فوت ٿيا. ڊاڪٽر سمعيه سيد ٻڌايو ته 18 سالن جو نوجوان احمد قادر نارٿ ناظم آباد ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيو، جنهن جو لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. ريسڪيو 1122 جي بيان موجب ملير نديءَ مان ٻن گم ٿيل ماڻهن مان هڪ، مصطفى علي گلاب کي زنده بچايو ويو، جڏهن ته فاران اڪرم جي ڳولا جاري آهي. ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد ۽ ڊپٽي ڪمشنر ملير به واقعي واري جاءِ تي موجود هئا.ڪراچيءَ ۾ وقفي وقفي سان هلڪي ۽ تيز برسات جاري رهي، جنهن سبب ڊيم اٿلي ويا. سعدي ٽائون ۽ اسڪيم 33 جا ڪيترائي رهائشي علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا.ملير ۽ لياري جي ندين ۾ پاڻيءَ جي سطح بلند ترين سطح تي پهچي وئي. قريبي آباديون پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويون، جنهن سبب ماڻهو بي گھر ٿي ويا.ٿڌو ڊيم ۾ پاڻيءَ جي سطح وڌڻ سبب ويجها علائقا ٻڏي ويا. پاڻيءَ جو تيز وهڪرو گاڏين، موٽرسائيڪلن ۽ رڪشائن کي به وهائي وٺي ويو. ڊيم جو پاڻي ايم نائين موٽروي تي به اچي ويو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جيڪا ڪجهه ڪلاڪن بعد بحال ڪئي وئي. ڪورنگي ۾ ڪاز وي بند، ڊيفنس کان گذرندڙ رستو، فقيرا ڳوٺ جو رستو، ٻڪرا پڙي کان ميمڻ ڳوٺ جو رستو ۽ ٻيا رستا بند ٿي ويا .ريسڪيو 1122 ۽ پاڪ فوج گڏجي سعدي ٽائون کان 11 ماڻهن کي بچايو، جن ۾ 2 مرد، 3 عورتون ۽ 6 ٻار شامل هئا. سڀني کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو. موسميات کاتي موجب اڄ هلڪي برسات ٿي آهي. موسم جو موجوده گهٽ دٻاءَ ۾ تبديل ٿي ويو آهي، جيڪو 11 سيپٽمبر تي بلوچستان جي سامونڊي علائقي ۾ داخل ٿيڻ بعد ختم ٿي ويندو. ٺٽي ضلعي جي ساحلي ۽ ڪوهستاني علائقن ۾ طوفاني برسات سبب ڪچا گهر ڪري ڊهي پٽ ٿي ويا. سارين جي فصل، پنيري، وونئڻ سميت ٻيا فصل مڪمل طور تي ٻڏي ويا. آبادگارن کي ڪروڙن جو نقصان پيو آهي. تاريخي ماڳ ڀنڀور جي چوديواري پاڻي بيهڻ سبب تاريخي قلعن کي نقصان جو انديشو آهي. جابلو پٽي جي ماڻھن جو نيون ڀرجي اچڻ سبب شهري علائقن سان رابطو ڪٽجي ويو. ضلعي ٺٽي جي پوئتي پيل ساحلي پٽي جي علائقن ڪيٽي بندر، ڳاڙهو، ساڪرو، ليٽ، لڌيا، ٻوهارا، غلام الله، پير پٺو، ڄام برانچ ۽ مٺي نالي سميت ٻين علائقن ۾ تيز طوفاني برسات جي مسلسل وسڻ کانپوءِ سارين جو تيار فصل مڪمل طور تي ٻڏي ويو. ڪروڙن جو نقصان ٿيڻ سبب آبادگارن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا. سون جي تعداد ۾ ڪکاوان گهر ڊهي پٽ ٿي ويا. گهاري ڀرسان نيون وهي اچڻ سبب ڪوهستان جي مختلف علائقن جنگشاهي، جهمپير، رنپٽاني، ڳوٺ پير احمد شاهه جيلاني، ابوبڪر جوکيو، فتح محمد ڌانڌل،علقو ڳوٺ، آچار سالار ،راسل جوکيو ،جعفر جوکيو ، ڳوٺ سميت مختلف علائقن جو شهري علائقن سان عارضي طور رابطو ڪٽجي ويو علائقي واسي سخت پريشاني جو شڪار ٿي ڪري ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا. پريالوءِ ڀرسان ڳوٺ منشي حيات الرو ۾ برسات سبب ڪچو گهر ڪري پوڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا ٽي ڀاتي زخمي ٿي پيا. اطلاعن موجب، ڳوٺاڻي اياز احمد الرو جو ڪچو گهر مسلسل برساتن سبب زبون ٿي ويو هو، جيڪو اوچتو ڪري پيو. گهر جي ڀتين ۽ ڇت ڪري پوڻ سبب گهر ڌڻي سميت ٻه معصوم ٻارڙا ملبي هيٺ اچي زخمي ٿي پيا پاڙي وارن جي مدد سان ملبو هٽائي متاثر خاندان کي ٻاهر ڪڍيو ويو، جنهن دوران 7 سالن جو علي رضا ڄنگهه ڀڃڻ سبب سخت زخمي ٿيو، جڏهن ته 5 سالن جي نياڻي آمنه جي ٻانهن ڀڄي پئي. زخمين کي فوري طور خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي. متاثر ٿيل اياز احمد الرو صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته برسات سبب سندس گهر مڪمل طور ڪمزور ٿي ويو هو، جنهن ڪري هي حادثو پيش آيو. ڪنڌڪوٽ سنڌو درياءُ ۾ وچولي ٻوڏ بعد ڪچي جا علائقا ٻڏي ويا ٽيوب ذريعي پاڻي ڪراس ڪري ايندڙ نوجوان پاڻي جي وھڪري ۾ ٻڏي ويو.پاڻي ھيٺ آيل ڳوٺ رئيس مينگل چاچڙ جو رھواسي نوجوان ڪفايت اللّٰه چاچڙ ٽيوب ذريعي پاڻي مان تري شھر طرف اچي رھيو ھو ته تيز وھڪرن ۾ لُڙي ٻڏي ويو واقعي بعد علائقي واسي ماڻھون ٽوٻا گھرائي ڳولا شروع ڪري ڇڏي خبرون ھلڻ بعد ضلعي انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي . جوهي جي ڪاڇي ۾ نئيون وهي اچڻ سبب رابطو ڪٽجي ويو.