25 ڏينهن اڳ افتتاح ڪيل حب ڪئنال به وهڪرن جي ور چڙهي ويو

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ وسڪاري ۽ ندين ۾ چاڙهه جي ڪري حب ڪينال متاثر ٿيو آهي ۽ ان جي مٿان گذرندڙ گئس لائين به  ڪٽجي وئي آهي. ذريعن موجب ناردرن بائي پاس مان گذرندڙ پاڻي جي تيز وهڪري سبب حب ڊيم جو تازو تعمير ٿيل واهه متاثر ٿيو آهي، جڏهن ته متاثر ٿيل حصي جي مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پراڻي ۽ نئين ڪينال جي مٿان گذرندڙ گئس لائين به ڪٽجي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ حب ڊيم ڪينال جو ويهه (20) ميٽر ڊگهو ٽڪرو پڻ متاثر ٿيو آهي. متاثر ٿيل حب ڪينال جو افتتاح پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين 13 آگسٽ 2025ع تي ڪيو هو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.