پنهنجي ئي زال جو 80 تولا سون چوري ڪندڙ مڙس گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي ماڊل ٽائون ۾ همراهه پنهنجي ئي زال جا زيور چوري ڪري ورتا، جنهن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.
ٻه سال اڳ ماڊل ٽائون واسڻ ديپالپور جي رهواسي فيصل جاويد نالي شخص سان نڪاح ڪيو هو.
عورت موجب فيصل سان سوشل ميڊيا تي دوستي ٿي، جيڪا رشتي ۾ تبديل ٿي وئي ۽ هنن پنهنجي نئين زندگي جي شروعات ڪئي.
عورت ٻڌايو ته مان پنهنجي ڀيڻ جي گهر وئي هيس ۽ موٽي آيس ته گهر مان 3 ڪروڙن جا زيور گم هئا، جنهن تي مان پوليس سان رابطو ڪيو.
عورت جي درخواست تي ماڊل ٽائون ٿاڻي تي 80 تولا سون چوري ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو.
پوليس شروعاتي طور جاچ جو دائرو خانداني ماڻهن تائين محدود رکيو ۽ پوءِ مڙس کي جاچ ۾ شامل ڪيو، جنهن ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو.
پوليس جوابدار جي نشاندهي تي گهر ۾ ئي ڇاپو هڻي سون برآمد ڪري ورتو ۽ جوابدار کي گرفتار ڪري قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.