وڏا سياسي ڪٽنب مڪاني ادارن کي مضبوط نٿا ڪرڻ چاهين: دانيال عزيز

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) اڳوڻي نيشنل رڪنسٽرڪشن بيورو چيئرمين دانيال عزيز چيو آهي ته جيڪڏهن اهو سمجهيو پيو وڃي ته صوبا وڌائي مڪاني ادارن جي جاءِ ورتي ويندي ته ائين نه ٿيندو. ٽئي پارٽيون انتظاميا جون ٺاهيل آهن جن ۾ جڊيشري به اچي وڃي ٿي. انتظاميا هي ملڪ هلائي ٿي، هي پارٽيون به انتظاميا هلائي ٿي. سپريم ڪورٽ پاڪستان جي ادارتي ترقي لاءِ تباهي جو ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڪستان جو سياسي ۽ اداري وارو ڍانچو اڻپورو آهي، 18هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ کان پوءِ به صوبن جي ري اسٽرڪچرنگ نه ٿيڻ سبب ملڪ ۾ طاقت جو توازن بگڙيل آهي. تجزئي نگار امتياز گل جي ولاگ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جا وڏا سياسي خاندان،  لوڪل گورنمينٽ کي مضبوط ڪرڻ نٿا چاهين، ڇو ته انهن جا مفاد رڳو ٺيڪن، ڀرتين ۽ ننڍن ترقياتي ڪمن تائين محدود آهن. پاڪستان جون اهم سياسي جماعتون، ن ليگ، پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ اصل ۾ انتظاميا جون ٺهيل آهن، جن ۾ جڊيشري، ڊي ايم جي ۽ پوليس به پنهنجو حصو وجهندا آهن. 2001ع جي ڊيووليشن پلان تحت ضلعي حڪومتن ۾ 21 گريڊ جا آفيسر مقرر ڪيا ويا، جيڪي صوبائي سيڪريٽرين کان طاقتور هئا پر پوءِ سياسي دٻاءَ ۽ بيوروڪريسي جي مزاحمت سبب اهو نظام ڊهي پيو. جيڪڏهن آئين ۾ وڌو وڃي ته هر ضلعي جو ڊي سي 20 گريڊ جو هوندو ته پوءِ ڪير ڇا ڪري سگهندو؟ آرٽيڪل 140-A ۾ واضح طور لکيل آهي ته صوبن کي مالي، انتظامي ۽ سياسي اختيار چونڊيل مڪاني ادارن کي ڏيڻا آهن، پر سپريم ڪورٽ صحيح تشريح ڪرڻ بدران ريگيوليٽر جو ڪردار ادا ڪيو، جنهن سان ادارتي ترقي رڪجي وئي. پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت تڏهن قائم ٿيندي جڏهن صوبن سان گڏ طاقت مقامي سطح تي منتقل ٿيندي، ٻي صورت ۾ سياسي پارٽيون ڪمزور ۽ عوامي نمائندگي محدود رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.