ٽرمپ جو يورپي يونين کان ڀارت ۽ چين تي 100 سيڪڙو ٽيرف لڳائڻ جو مطالبو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ يورپي يونين کان مطالبو ڪيو آهي ته ڀارت ۽ چين جي شين تي 100 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ٽرمپ يورپي يونين اختيارين سان ملاقات ۾ چيو ته آمريڪا روسي تيل جي وڏي خريدار ملڪن چين ۽ ڀارت تي وڌيڪ ٽيرف لڳائڻ لاءِ تيار آهي پر اهي قدم يورپي اتحادين سان گڏجي کنيا ويندا.
هن واضح ڪيو ته آمريڪا ڀارتي شين تي 50 سيڪڙو ۽ چيني شين تي 30 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪري چڪو آهي پر روس کان تيل خريدڻ ۽ واپاري ڊيل نه ڪرڻ سبب انهن ٻنهي ملڪن تي دٻاءُ وڌايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.