حماس اڳواڻن کي نشانو بڻائڻ ظاهر ڪري ٿو ته اسرائيل جنگ جي خاتمي ۾ دلچسپي نٿو رکي: ترڪي

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪيه قطر تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جي قدمن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو جنگ جي خاتمي لاءِ ڪنهن معاهدي ۾ دلچسپي نٿو رکي.
ترڪ پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جنگبندي لاءِ ڳالهين دوران حماس جي وفد کي نشانو بڻائڻ ان ڳالهه جي علامت آهي ته اسرائيل جو مقصد امن تائين پهچڻ نه پر جنگ کي جاري رکڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.