ٽنڊي الهيار ۾ جونيئر ذوالفقار ڀٽو جي حامين جي ريلي

ٽنڊوالهيار (ڊ ر)ٽنڊوالهيار ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ٽيم جي ڪارڪنن پاران شفيق درس جي اڳواڻي ۾ باءِپاس روڊ کان پريس ڪلب تائين آگاهي ريلي ڪڍي وئي ريلي باء پاس روڊ کان ٿيندي شهر جي مختلف علائقن جو گشت ڪرڻ بعد ٽنڊوالهيار پريس ڪلب پهتي جتي شفيق درس، وسيم علي درس،عتيق الرحمان، عبدالغفور، عبدالستار جروار، فيصل لنڊ بلوچ ،سومار ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسان جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جا هٿ مضبوط ڪرڻ نڪتا آهيون جنهن لاء اڄ آگاهي ريلي ڪڍي وئي آهي هتي جو عوام شهيد مير مرتضي ڀٽو ۽ پارٽي وارث جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سان دلي محبت ڪري ٿو هنن چيو ته جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جلد تنظيم سازي ڪري پارٽي جو باقائدا اعلان ڪندو جنهن جو اسان سڀ ڪارڪن انتظار ڪري رهيا آهيون اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن سنڌ جي چور ۽ لُٽيرن  سياستدانن کان تخت ۽ تاج ڦري جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو  مسڪين ماڻهن کي پنهنجا حق ڏياريندو ۽ سنڌ وري مهراڻ جو منظر پيش ڪندي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.