18 ايڪڙ زمين منجمد ڪرڻ جو نيب جو حڪم معطل

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسڪيم 33 ۾ نيب پاران ملڪيتون منجمد ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالتنيب جي 18 ايڪڙ زمين منجمد ڪرڻ جي حڪم کي معطل ڪري ڇڏيو، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته 272ايڪڙ زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ جي جاچ دوران نيب فوت ٿيلن جي وارثن کي طلب ڪري ورتوآهي ، درخواستگذار جي 18 ايڪڙ زمين نيب جي جاچ ۾ شامل 272 ايڪڙ شامل ناهي، درخواستگذارجي وڪيل جو چوڻ آهي ته نيب سڀني ملڪيتن کي منجمد ڪرڻ جي تصديق لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو آهي، هي زمين سرڪاري زمين جي ڪالونائيزيشن ۽ نيڪال ايڪٽ تحت الاٽ ڪئي وئي آهي، عدالت چيو ته مرحوم پرويز احمد صديقي جي خاندان جا اٺ ميمبر چيئرمين نيب جي ملڪيتون منجمد ڪرڻ جي حڪمن ۾ شامل آهن، رڪارڊ موجب درخواستگذار جو نالو چيئرمين نيب ۽ عدالت جي حڪمن ۾ شامل ناهي، ان باوجود، اڻڄاتل ملڪيتون منجمد ڪرڻ جي فهرست ۾ شامل آهن، عدالت چيو ته نيب جي ملڪيتن کي منجمد ڪرڻ جي حڪم جو ڪو به حقيقي ۽ قانوني بنياد ناهي، احتساب عدالت جو ملڪيتون منجمد ڪرڻ جو حڪم درخواستگذار جي 18 ايڪڙ زمين جي حد تائين معطل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.