ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي کان وٺي بدين تائين سنڌ جي سامونڊي پٽي تيز برساتن ۽ طوفاني ھوائن جي لپيٽ ۾ آھي، جنھن جي ڪري ھزارين ٻيڙيون ۽ لانچون جيٽين ۽ ڪنارن تي لنگرانداز ٿي ويون آھن. لکين ماھيگير مڇي مارڻ کان محروم ٿي سخت مشڪلاتن جو شڪار آھن. مبارڪ ولي، بابا ٻيٽ، عبدالرحمان گوٺ، ڪالو يونس آباد، ابراهيم حيدري، ريڙھي گوٺ، علي اڪبر شاهه، جمعو گوٺ، لٽ بستي، چشمہ گوٺ، ڇٽو، سجاول، بدين، شاهه بندر، ڪيٽي بندر، کاروڇان، جاتي، چور جمالي سميت سنڌ جي سڀني سامونڊي علائقن ۾ ماھيگير طبقي جو روزگار بند ٿي ويو آھي، جنهن سبب بک ۽ بدحالي وڌي وئي آھي. رپورٽ ۾ چيو ويو آھي ته سنڌ حڪومت ۽ فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي کي گھرجي ته فوري طور متاثر ماھيگيرن جي مدد ڪن.