نيب سڀ ڪجهه برباد ڪري ڇڏيو، سياسي انتقام کانسواءِ ڪو ڪم ناهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني، شاهه الله ڏتو ۽ سي ٿرٽين جي متاثرن واري معاملي تي ٻڌڻي دوران سي ڊي اي عملدارن کان هڪ مهيني اندر تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي چيو ته ڊڄڻ بدران عوام جا مسئلا حل ڪريو، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) ۽ قومي احتساب بيورو (نيب) بابت سي ڊي اي مئجسٽريٽ سان ڳالهه ٻولهه دوران سخت ريمارڪس ڏيندي چيو ته نيب اڳ ئي سڀ ڪجهه برباد ڪري ڇڏيو آهي، سياسي انتقام کان سواءِ به نيب جو ڪو به ڪم ناهي، نيب جي چوڻ تي نه هلو، ڪنهن کان نه ڊڄو، ماڻهن جي مدد ڪريو، جيڪڏهن ڪنهن کي ڊپ ٿو لڳي ته پنهنجي بدلي ڪرائي وٺي، غلطي جي سزا ناهي هوندي، بي ايماني جي سزا هوندي آهي، سول رائٽس ۽ ادارن جي دائري اختيار کي به ڏسڻو پوندو، نيب ۽ ايف آءِ اي کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو، اوهان پنهنجو ڪم ڪيو، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته نيب جي ترميمن بعد اسلام آباد جا 106 ڪيسن مان رڳو 4 بچيا آهن، باقي ختم ٿي ويا، هن سي ڊي اي عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڊڄڻ ڇڏين ۽ عوام جا مسئلا حل ڪريو، هن چيو ته عدالتي حڪم باوجود چيئرمين سي ڊي اي ۽ چيف ڪمشنر هڪ ئي ماڻهو کي عهدن تي لڳايو آهي، ٿيڻ ته اهو گهرجي هو ته بوجهه گهٽ ڪرڻ لاءِ هر سيڪٽر ۾ ڊي سي مقرر ڪيو وڃي، پر جيڪو عدالتي حڪم نه ٿو مڃي اهو هڪ ڊي سي هٽائي پنج ڪيئن رکي سگهي ٿو؟.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.