سنڌ ۾ برسات سبب ٻوڙان ٻوڙ، گڊو وٽ وهڪرن ۾ 34 هزار ڪيوسڪ واڌ

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(رپورٽر/نمائندا) سنڌ ۾ سڄو ڏينهن برسات جاري رهڻ سبب ٻوڏ واري صورتحال ٿي وئي آهي. سانگهڙ، نوشهرو فيروز، حيدرآباد، دادو، سيوهڻ ۽ ٻين شهرن ۾ پاڻي جا تلاءُ ٺهي ويا. مختلف واقعن ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا. ٽنڊو محمد خان ۾ ڪيترائي ڪچا پڪا گهر ڊهي پيا ، پيپلز ڪالوني جي هڪ عورت 2 ٻار ڀت ڪرڻ سبب زخمي ٿي پيا ، ٽنڊو محمد خان ۾ برسات جي ٽن ڏينهن کان مسلسل وسڪارن کانپوءِ علائقي ۾ برسات ڪيترائي هاڃا رسائي ڪچا ۽ پڪا گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن. مير منور ڪالوني ، انور ڪالوني ، احمد شير ڪالوني ، ٽالپر ٽائون، شوڪت ڪالوني ، مشترڪه ڪالوني سميت شهر جي واپاري مرڪزن ، روڊن رستن تي برسات جو پاڻي بيهڻجو انتظاميه نيڪال ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي . جنگشاھي ھاليجي لڳ  ڳوٺ عاري ميربحر، ڳوٺ سومار ميربحر،ڳوٺ جمعو ميربحر ،حاجي ميربحر جنگشاھي ڪوھستان کان آيل پاڻي جي گھيري ۾ اچي ويا  رات جي انڌاري ۾ اوچتو پاڻي اچڻ سبب غريب ماڻھن پنھنجا گھر گھاٽ ۽ سامان  ڇڏي پنھنجو ساھ بچائي کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار بڻيل ويٺل آهن . نوشهرو فيروز، خيرپور، سکر، گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۾ سڄو ڏينهن وسڪارو جاري رهيو، برساتن ۽ درياءَ ۾ چاڙهه سبب بندن تي دٻاءُ وڌي ويو آهي. ڪي ڪي بند ۽ ٽوڙي بند تي مسلسل پاڻي وڌي رهيو آهي. انتظاميا حساس هنڌن جي مرمت به ناهي ڪرائي. حيدرآباد ۾ برسات سبب قاسم آباد، لطيف آباد، جي او آر ڪالوني ۽ ٻيا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. ڄام شوري ۽ ڪوٽڙي ۾ به برسات پئي. ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان مينهن جاري رهيو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته  چوماسي سسٽم جي شدت ۾ ڪجهه گهٽتائي آئي آهي ۽ هاڻ هي سسٽم "ڊيپ ڊپريشن” مان "ڊپريشن” ۾ تبديل ٿي ويو آهي. موسميات کاتي مطابق، سسٽم جو مرڪز اڃا ڪراچي جي ويجهو اچڻو باقي آهي، ۽ شهر ۾ ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن اندر نئين مينهن جي لهر اچڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي، حيدرآباد ۾ هن سسٽم تحت     85 ملي ميٽر ۽ ڊيپلو ۾ 108 ملي ميٽر مينهن پيو آهي. امڪان آهي ته هي سسٽم 11 سيپٽمبر تائين بلوچستان جي سامونڊي پٽي جي ويجهو پهچي ختم ٿي سگهي ٿو. هوڏانهن پنجاب مان ايندڙ تمام طاقتورچاڙهه واري ريلو سنڌ ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. گڊو بئراج تي پاڻي جي سطح ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي ۽ وچولي سطح جي ٻوڏ پيدا ٿي وئي آهي، آبپاشي کاتي مطابق درياءَ سنڌ ۾ سکر بئراج تي پاڻي جي سطح ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي.24 ڪلاڪن ۾ پاڻي ۾ 34 هزار ڪيوسڪ جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. سکر بئراج جا سڀئي گيٽ کوليا ويا آهن ته جيئن پاڻي جو دٻاءُ گهٽائي سگهجي. گڊو بئراج تي پاڻي جي آمد 4 لک 43 هزار ڪيوسڪ ۽ نيڪال 4 لک 34 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بيگاري سنڌ فيڊر ۽ گھوٽڪي فيڊر کي بند ڪيو ويو آهي. سکر بئراج تي مٿانھون وھڪرو 3 لک 77 ھزار  ڪيوسڪ، ھيٺيائون وھڪرو 3 لک 64 ھزار ڪيوسڪ، اهڙي طرح ڪوٽڙي بئراج تي مٿانھون وھڪرو 2 لک 43 ھزار ڪيوسڪ ۽ ھيٺيائون وھڪرو 2 لک 41 ھزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آھي، آبپاشي کاتي جي ذريعن موجب 5 ڏينهن اندر ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جو ھڪ وڏي ريلي جو گذر ٿيندو, جيڪو 6 کان 7 لک ڪيوسڪ تائين ٿي سگهي ٿو. ياد رهي ته 2010ع واري ٻوڏ دوران ڪوٽڙي بئراج مان 11 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي جا وهڪرا گذري چڪا آهن. ميرپورخاص، کپري، کيبر، مٽياري ۾ 48 ڪلاڪن کان برسات سبب ٻوڏ جهڙي صورتحال  ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.