عالمي قوتون معدنيات بابت نئين صف بندي پيون ڪن:ضيا ڀٽي

حيدرآباد(رپورٽر) عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي گڏجاڻي ڪامريڊ ضياءُ ڀٽي جي صدارت ۾ ڪالهه حيدرآباد ۾ ٿي گذري. گڏجاڻي ۾ پي آر ايس ايف کي ڪامياب سنڌ ڪانگريس ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني وئي ۽ ڪجهه انتظامي فيصلا ورتا ويا. پنهنجي پريس بيان ۾ پارٽي اڳواڻن چيو ته  عالمي قوتون  نئين ٽيڪنالاجي لاءِ خاص قسم جي معدنيات تي هڪ هٽي جي حوالي نئين صف بندي ڪري رهيون آهن. پاڪستان اندر عسڪري حڪمران پنهنجي عوام سان سڌي ۽ ڪاپوريٽ جنگ ۾ مصروف آهن. برساتن ۽ ٻوڏن ۾ هزار کان مٿي ماڻهو  مري چُڪا آهن ۽ لکين دربدر ٿيا آهن، رياست انهن جي واهر ڪرڻ بدران درياهه ۽ سنڌ جي سامونڊي پٽي تي قبضي جون ڪوششون ڪري رهي آهي گڏجاڻي ۾ اڳواڻن آڪٽوبر مهيني ۾ حيدرآباد اندر عوامي ڪٺ گهرائڻ جو فيصلو پِڻ ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.