سنڌ ۾ برسات زندگي مفلوج ڪري ڇڏي،7 ڄڻا فوت، فصلن کي نقصان

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(رپورٽر/نمائندا) سنڌ سميت ملڪ ۾ تيز برساتن سبب بوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو. مختلف واقعن ۾  7 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. اڄ به سڄي ملڪ ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. مانجهند ڀرسان منظور آباد ۾ برسات دوران بجلي جي تار  ٺاهڻ دوران  ڪرنٽ لڳڻ سبب 35 ورهين جو ايس يو پي ڪارڪن شاهنواز سولنگي بي هوش ٿي ويو جنهن کي وارث مقامي ڊسپينسري کڻائي پهتا جتي سندس فوتگي جي تصديق ڪئي وئي جنهن تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، فوتي جي لاش جي مقامي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي. سکر ۽ روهڙي ۾ برسات  سبب مختلف واقعن ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. سکر ۾ پوليس لائين آفسير ڪلب ويجهو امام بارگاھ جي ڇت ڪرڻ سبب آذان ڏيڻ لاءِ پهتل سجاد نيازي فوت ٿي ويا. روهڙي جي علائقي ٽنڊو وٽ تيز برسات سبب گهر جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٽي معصوم ٻارڙا جن ۾ خالد محمود ابڙو، در محمد ابڙو ۽ شاھزيب ڇت ڪرڻ سبب دٻجي فوت ٿي ويا آهن،ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سکر ۾ برسات جي اڳڪٿي باوجود به ميونسپل ڪارپوريشن ۽ انتظاميا اڳواٽ تياريون ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويون، جنهن سبب ٿوري ئي برسات کان پوءِ شهر جا مک روڊ ۽ علائقا پاڻي ۾ ٻڏي ويا، گهنٽا گهر چوڪ، مهراڻ مرڪز، تماڪو بازار،حرا اسپتال روڊ،بيراج روڊ، شاليمار، جيل روڊ،گلشن اقبال،ٽانگا اسٽينڊ،پراڻو سکر، سميت ڪيترائي علائقا مڪمل طور تي پاڻي جي تلائن ۾ تبديل ٿي ويا. ڪنڌڪوٽ شھر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز ھوا سان گڏ برسات جو تيز وسڪارو ٿيو. گلشير پاڙو، نادرا آفيس روڊ، ڊگري ڪاليج روڊ، ڊي سي روڊ، اناج منڊي روڊ، مين روڊ، پريس ڪلب آڏو، عيدگاھه پاڙو سميت بازارن اندر پاڻي بيٺل  رهيو. ڪوٽڙيءَ.ريلوي ڪالونيءَ جي ڪرسچن پاڙي ۾ برسات سبب ڪمزور ٿيل گهر جي ڇت اوچتو ڌماڪي سان ڪري پئي ڇت ڪرڻ سبب گهر ۾ موجود 2 عورتون 30 ورهين جي حنا مسيح ۽ 35 ورهين جي روبيڪا مسيح زخمي ٿي پيون جن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.  ڪراچي ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ شدت اختيار ڪري ڊپريشن ۾ تبديل ٿي ويو، جنهن سبب گلشن حديد، سپر هاءِ وي، نوري آباد، ملير ۽ ٻين علائقن جهڙوڪ ٺٽو، ميرپورخاص، نوري آباد، گهگهر ڦاٽڪ ۽ ڪراچي جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي. ٺٽي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ ٽنڊي محمد خان سميت ٻين ضلعن ۾ به وسڪارو جاري آهي. عمرڪوٽ ۾ نورواهه ۾ ڏه فوُٽ ويڪرو گهارو پئجي ويو. موسميات کاتي موجب سنڌ ۾ چوماسي جون هوائون داخل ٿيڻ سبب 11 سيپٽمبر تائين گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ميرپورخاص شهر جي ڪيترن علائقن ۾ برسات سبب پاڻي گڏ ٿي ويو آهي.برسات جي ڪري ڪمند، ڪپهه، مرچ ۽ ٽماٽن جون پوکون متاثر ٿيون آهن.  ميرپورخاص جي علائقي سٽلائٽ ٽائون آسو چوڪ تي برسات دوران گهر جي ڪمري جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت مراد شيخ، سندس گهر واري ۽ معصوم ٻاڙيون مسڪان، عائشه سميت 05 گهر ڀاتي زخمي ٿي پيا جن کي پاڙي وارن پنهنجي مدد پاڻ تحت ملبي مان ڪڍي   سول اسپتال ميرپورخاص پهچايو جتي هڪ ٻار جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي  عمرڪوٽ، ٿرپارڪر ۽ ٽنڊو محمد خان سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به برسات ٿي رهي آهي. ٺٽو ۽ سجاول ۾ برسات سبب هيٺاهين علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته گجو جا هيٺاهين وارا علائقا به متاثر ٿيا آهن. ميرپورخاص ۾ به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي   نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ( اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن دوران پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برساتن جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب، پنجاب جي اتر اوڀر ۽ ڏکڻ ضلعن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي. سنڌ جي ڏاکڻي ضلعن ۾ ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن دوران طوفاني هوائن سان گڏ تيز برسات جو امڪان آهي. ان کانسواءِ بلوچستان جي ڪيئي ضلعن ۾ ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن دوران گجگوڙ کنوڻ سان گڏ وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي. سنڌ جي مختلف علائقن ۾ انتهائي تيز برساتون پئجي سگهن ٿيون ۽ سامونڊي ضلعن ۾ شهري ٻوڏ جو به خدشو آهي. ڪراچي ۾ 100 ملي ميٽر برسات جي اڳڪٿي آهي. کاتي مطابق، برساتن سبب کيرٿر جي جابلو سلسلي ، بلوچستان جي لسبيلا ۽ خضدار جي نئين ۾ چاڙهه اچي سگهي ٿي، جڏهن ته ڪوهِ سليمان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ڪجهه علائقن ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.