بلاول طرفان ملڪ ۾ زرعي ايمرجنسي لڳائڻ ۽ هارين جا بجلي بل معاف ڪرڻ جو مطالبو

مظفر ڳڙهه (م ڊ ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ گڏيل قومن سان رابطو ڪيو وڃي ۽ ملڪ ۾ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪري متاثر  هارين جا بجلي جا بل معاف ڪيا وڃن، مظفر ڳڙهه ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد سڀني جي ذميواري آهي ۽ مان وزيراعظم شهباز شريف سان ڳالهائي چڪو آهيان ته هو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي متاثر خاندانن جي مالي مدد ڪن، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت کي هارين جي مدد ڪرڻي پوندي، پوءِ اها مدد قرضن جي معافي جي صورت ۾ هجي، يا مفت ٻج جي فراهمي ۽ ٻين سهولتن جي صورت ۾، ۽ انهن متاثر هارين جا بجلي جا بل به معاف ڪرڻ گهرجن، پر اهو سڀ تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن ملڪ ۾ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪئي ويندي، هن چيو ته پي ڊي ايم جي گذريل دور حڪومت ۾ جڏهن مان پرڏيهي وزير هيس ته اسان گڏجي ٻوڏ متاثرن لاءِ نون گهرن جي تعمير جو منصوبو ڏنو هو، اهڙيءَ طرح وفاقي حڪومت کي به صوبائي حڪومتن سان گڏجي موجوده ٻوڏ متاثرن جي به مدد ڪرڻي پوندي، وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي درخواست ڪندس ته گڏيل قومن ۾ اسان ٻه اپيلون ڪريون، پهرين فوري رليف ۽ ايمرجنسي لاءِ ۽ ٻي متاثر علائقن جي بنيادي ڍانچي جي تعمير ۽ بحالي لاءِ، هن وڌيڪ چيو ته اسان کي عالمي سطح تي مدد لاءِ اپيل ڪرڻي پوندي، ڇو⁠ته پاڪستان جا ڪيترائي دوست ملڪ اسان جي مدد ڪرڻ چاهين ٿا، پر جيڪڏهن اسان اپيل نه ڪنداسين ته معاملو اڳتي نٿو وڌي سگهي، جيتري دير اسان دوست ملڪن تائين پهچنداسين اوترو نقصان وڌندو، هن چيو ته مان سڀني کان اپيل ڪريان ٿو ته هي وقت سياسي بيان بازي جو ناهي ۽ پنجاب جي ميڊيا جي تعريف ڪريان ٿو جيڪا هن مشڪل وقت ۾ مثبت رپورٽنگ ڪري رهي آهي، مون کي اميد آهي ته سنڌ جي ميڊيا به مستقبل ۾ اهڙن حالتن ۾ اهڙي ئي ذميواري سان ڪم ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.