ڪوئيٽا (بيورو/ م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي جلسي ۾ شرڪت ڪندڙن تي خودڪش حملي خلاف ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڦيٿاروڪ ۽ شٽرڊائون هڙتال ڪئي وئي، هڙتال دوران ڪوئيٽا ۽ بلوچستان جي ٻين علائقن مان 100 کان وڌيڪ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي، هڙتال سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ خانگي اسڪول بند رهيا، جڏهن ته بلوچستان بار ڪائونسل طرفان سڄي صوبي ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، بي اين پي جي مرڪزي نائب صدر ساجد ترين ايڊووڪيٽ جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل اڳواڻن ۾ پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جو سيڪريٽري جنرل عبدالرحيم زيارتوال، عوامي نيشنل پارٽي جو ثناءُ الله ڪاڪڙ ۽ ٻين پارٽين جا ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن شامل آهن، ياد رهي ته 2 سيپٽمبر تي ڪوئيٽا جي علائقي سرياب ۾ شاهواڻي اسٽيڊيم ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جي باني سردار عطاالله مينگل جي ورسي جي موقعي تي ٿيل جلسي کانپوءِ ان جي شرڪت ڪندڙن تي خودڪش حملو ٿيو هو، ان حملي ۾ 15 ڄڻا مارجي ۽ 38 زخمي ٿيا هئا.