سنڌ ۾ اٽو 15 سئو رپيا مهانگو، بلوچستان ۽ افغانستان اسمگلنگ!

جيڪب آباد(رپورٽ: سڪندر علي سرڪي) سنڌ مان اٽو بلوچستان ۽ افغانستان اسمگلنگ ٿيڻ جو انڪشاف، سنڌ ۾ اٽي جي کوٽ جو خدشو، هفتي ۾ هڪ مڻ اٽي جي ٻوري تي 15 سئو واڌ، عوام پريشان خبر موجب سنڌ مان اٽو بلوچستان ۽ افغانستان اسمگلنگ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جيڪب آباد رستي اٽي سان ڀريل ٽرالر ۽ ٽرڪ اٽو کڻي بلوچستان وڃڻ روز جو معمول بڻيل آهن، ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب فوڊ کاتي جيڪب آباد جي عملدار جي ملي ڀڳت سان اٽو بلوچستان ۽ افغانستان اسمگلنگ ٿيڻ لڳو آهي في ٽرالر ۽ ٽرڪ کان 12 هزار کان 15 هزار روپيا اوڳاڙيو پيو وڃي، جيڪب آباد رستي اٽو بلوچستان اسمگلنگ ٿيڻ سبب شهر ۾ هڪ هفتي ۾ 38 ڪلو جي اٽي واري ٻوري تي 15 سئو روپيا واڌ ٿي آهي، 27 سئو ۾ ملندڙ اٽي جو ڪٽو 42 سئو روپيا ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي اٽي ۾ هٿرادو واڌ سبب عوام سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ شهرين نصير احمد محمد افضل نبي بخش ۽ ٻين مطالبو ڪيو آهي ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي چرپر تي پابندي لڳائي اٽي جي اگهن تي ضابطو آڻي عوام جي پريشاني ختم ڪئي وڃي، ٻي پاسي فوڊ سپروائيزر غلام مصطفيٰ انڙ موقف معلوم ڪرڻ تي چيو ته اسان کي مٿان کان گاڏيون روڪڻ جون ڪي به هدايتون ناهن مليون، اٽي سان ڀريل ٽرالر ۽ ٽرڪون بلوچستان طرف وڃي رهيون آهن،اعليٰ عملدارن جو حڪم مليو ته ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.