اسلام آباد( بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيـري رحمٰن مطالبو ڪيو آهي ته ملڪ ۾ اٽو ۽ ڀاڄيون مهانگيون وڪڻندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ڇو ته موجوده بحران ۾ عوام اڳ ئي ڏکيائين جو شڪار آهي. شيـري رحمٰن پنهنجي بيان ۾ چيو ته، منافعي خور ۽ ذخيرا اندوز عوام جي ڏکيائين مان ناجائز فائدو وٺي رهيا آهن جڏهن ته هزارين ماڻهو ٻوڏ جي نتيجي ۾ سڀ ڪجهه وڃائي ويٺا آهن. هن چيو ته، اٽي جي قيمتن ۾ واڌ هٿرادوآهي، مافيا کي وائکو ڪيو وڃي ۽ عوام لاءِ فوري رليف جو بندوبست ڪيو وڃي.