پنجاب ۾ برسات ۽ ٻوڏ، وڌيڪ سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ، ٻن عورتن سميت ڪيترائي فوت

لاهور/اوٻاوڙ (بيورو رپورٽ/ن ع آ) پنجاب جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ ٻوڏ جي صورتحال انتها تي پهچي وئي آهي جتي درياهن ۾ چاڙهه سوين ڳوٺن کي پاڻي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي، ۽ هزارين ايڪڙ تي بيٺل فصل مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن. ڀارت پاران ستلج درياءُ  ۾ وڌيڪ پاڻي ڇڏڻ کان پوءِ انتهائي اونچي سطح جي ٻوڏ جو مڪان وڌي ويو آهي. پي ڊي ايم اي طرفان هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فوج ۽ سول انتظاميا به خبردار آهن. خان بيلا جي ويجهو مقامي بند ٽٽڻ سبب چناب درياءُ  جو وهڪرو تيزيءَ سان ويجهن ڳوٺن ڏانهن وڌڻ لڳو، جنهن سان 60 کان وڌيڪ بستيون پاڻي هيٺ اچي ويون آهن. ريسڪيو آپريشن جاري آهي، جڏهن ته مسجدن مان اعلان ٿيڻ بعد متاثر علائقن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. شجاع آباد ۾ ٻوڏ جو وهڪرو ستين ڏينهن به تباهي مچائيندو رهيو، جڏهن ته لياقت پور جي ڳوٺ نوروالا ۾ ريسڪيو آپريشن دوران متاثرن سان ڀريل ٻيڙي اونڌي ٿي پئي. حادثي ۾ ٻه عورتون فوت ٿي ويون، ٻيڙي ۾ سوار 28 مان 13 ڄڻن کي بچايو ويو، باقي جي تلاش جاري آهي. سنڌو درياءُ جي ڪچي وارا علائقا راجن پور ۾ پاڻي هيٺ اچڻ لڳا آهن، جڏهن ته هيڊ تريمو کان آيل وهڪرو مظفرگڙهه جي رنگ پور ۾ داخل ٿي ويو آهي. جهنگ ۾ ٻوڏ جي ٻي لهر 300 کان وڌيڪ ڳوٺن کي متاثر ڪيو آهي، جتي لڳ ڀڳ 2 لک 81 هزار ايڪڙ فصل تباهه ٿي ويا آهن. وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز رات دير تائين ٻوڏ متاثر علائقن جي ورچوئل نگراني ڪئي ۽ ٻڌايو ته هن وقت تائين لڳ ڀڳ 2 هزار شهرين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. ريسڪيو آپريشن تيزيءَ سان جاري آهن. پي ڊي ايم اي ٻڌايو آهي ته 9 سيپٽمبر تائين دريائن ۾ انتهائي اونچي سطح جي ٻوڏ جو خطرو برقرار رهندو، تنهن ڪري شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿين ۽ حفاظتي هدايتن تي عمل ڪن. لاهور ۾ برسات جاري رهي. سڀ کان وڌيڪ 92 ملي ميٽر برسات پاڻي والا تلاءَ۾ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. فيصل آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به وقفي وقفي سان زورائتي برسات سبب شهر ۾ پاڻي جمع ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.