گهارو/ڪيٽي بندر(نمائندا)اڳوڻي پ پ سينيٽر سسئي پليجو کارو ڇاڻ جي مختلف علائقن جو دورو ڪري سمنڊ ۾ آيل چاڙھ جو جائزو وٺڻ بعد مختلف ڳوٺن جو دورو ڪري ڪامريڊ عبدﷲ مرگهر سان پٽ جي لاڏاڻي تي تعزيت پڻ ڪئي.ان موقعي تي سسئي پليجو چيو ته انڊس ڊيلٽا ۾ 1991 واري معاهدي تحت سمنڊ ۾ مٺو پاڻي ڇڏڻ گھرجي پر افسوس آهي پنجاب جڏهن برساتون پوڻ ۾ ٻڏندو آھي ته ڊيلٽا ۾ پاڻي ڇڏيندو آهي هن وقت سمنڊ ۾ مٺو پاڻي نه اچڻ ڪري بدين . سجاول ۽ ٺٽي جون چاليھ لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي.ڪينالن جي منصوبي کي عوامي احتجاج باوجود اڃا تائين ختم نه ڪيو ويو آهي. ھنن کي جڏهن بہ موقعو ملندو ھو ٻيھر ھن منصوبي تي ڪم ڪندا. ارسا جا جيڪي فيصلا آھن اھي سنڌ جي خلاف ويا آهن سنڌو درياءَ ۾ اڍائي لک ڪيوسڪ پاڻي اچي رھيو آھي جيڪو ٿورو آھي