ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه تعليم جي تحفظ جي عالمي ڏهاڙي تي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته ٻارن کي محفوظ ۽ پرامن تعليمي ماحول فراهم ڪرڻ رياست ۽ سماج جي گڏيل ذميواري آهي.
پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته تعليمي ادارن تي حملا اصل ۾ ايندڙ نسلن جي مستقبل تي حملا آهن، گڏيل قومن 9 سيپٽمبر کي تعليم تي حملا روڪڻ جو ڏينهن قرار ڏئي دنيا کي واضح پيغام ڏنو.
سندس چوڻ هو ته تعليم تي حملا انسانيت تي حملن جي برابر آهن، سنڌ اسيمبلي تعليم جي واڌ ويجھه ۽ تحفظ لاءِ قانون سازي ۽ قدم کڻندي رهندي.
You might also like