سيد زين شاهه تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف رد عمل

تحرير: غلام حسين جوڻو

حڪومت مخالف ڌرين جي خلاف انتقامي ڪارروايون ڪرڻ به وڏو مسئلو آهي. جيڪي روزانه تيزي سان وڌن پيون. هن، وقت ڪوبه اهڙو ماڻهو ڪونه ٿو سُجهي جيڪو حڪومت ڌر سان واڳيل نه هئڻ جي ڏوهه ۾ انتقام کان بچت ۾ هجي. انهيءَ تي مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل نه ٿيا هجن مطلب ته سنڌ انيڪ مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. انتقامي ڪاررواين ٿيڻ جي باوجود به سنڌ جون قومپرست ڌريون، سنڌ جي بقا ۽ وحدت لاءِ ميدان ۾ نڪتل آهن ۽ ڄاڻايل مسئلن کي حل ڪرائڻ ۾ سراپا احتجاج بنيل آهن. اهي ڌريون ڪوششون ڪري رهيون آهن ته سنڌ جا مسئلا حل ٿين. سنڌ سمورن مسئلن مان نڪري ترقي جي راهن تي گامزن ٿئي. پر، حڪومت، قومپرستن جي هڪ به ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه آهي. ويتر، انهن جي خلاف مختلف ٿاڻن تي ڪوڙيون ايف آءِ آرز ڪٽيون پيون وڃن. انهن تي دٻاءُ وڌايو پيو وڃي ته هو، پنهنجي راهه تان هٽي وڃن ۽ خاموشي اختيار ڪن. چپ ڪري ويهي رهن. عوام کي احتجاج ڪرڻ جو سڏ نه ڏين. عوام کي سنڌ جي مسئلن جي آگاهي نه ڏين. پر، قومپرست لاڳيتو سراپا احتجاج، بڻجي جدوجهد ڪن پيا. ۽ مسلسل عوام سان رابطي ۾ آهن. سنڌ جي مسئلن تي پنهنجو آواز بلند ڪندا رهن ٿا. ۽ اتحادي حڪومت کان گھر ڪري رهيا آهن ته سنڌ جي وسيلن تي قبضا نه ڪريو. ڪنهن سان ناانصافي نه ڪريو. پوليس کي سياسي نه بنايو پر، عوام جو مددگار ۽ خدمتگار بنايو ۽ مٿئين بيان ڪيل مسئلن کي حل ڪريو. ٻي حالت ۾ خاموش ويهي ڪونه رهبو ۽ گڏيل جدوجهد کي تيز ڪيو ويندو. اها جدوجهد مسئلن جي حل ٿيڻ تائين جاري رهندي.

سيد زين شاهه، سنڌ جي مسئلن تي سگھارو آواز بنجي ميدان ۾ لٿو آهي ۽ عوام جي هر مسئلي تي سنڌ واسين سان گڏ آهي. هن تازو مورو ۾ شهيد ڪيل ٻن نوجوان لغارين جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۽ انهن تي ايف آءِ آرز ڪٽڻ لاءِ سنڌ واسين کي 31 آگسٽ 2025ع تي گڏ ڪيوهو. ۽ هڪ فقيدالمثال ريلي ڪڍي هئي. جنهن ۾ هزارين ماڻهو گڏ ٿيا هئا. ٻئي طرف سنڌ حڪومت سيد زين جو آواز دٻائڻ ۽ کيس خاموش ڪرڻ لاءِ سندن راهه ۾ رنڊڪ وجهندي رهي آهي. هن تي اڳ ۾ بحريه ٽائون وارو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. نتيجي ۾ هي ڪيترائي ڏينهن سينٽرل جيل ڪراچي ۾ رهيو. وري هاڻ به ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. هاڻي وري سائين زين شاهه تي پوليس اسٽيشن لوڻي ڪوٽ ۽ پوليس اسٽيشن ڪوٽڙي ۾، روڊ بلاڪ ڪرڻ، هنگامو ڪرڻ ۽ ملڪ خلاف نعريبازي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. پوليس اسٽيشن لوڻي ڪوٽ ۾ سب انسپيڪٽر غلام مصطفيٰ ڀلائي ۽ پوليس اسٽيشن ڪوٽڙي ۾ اي ايس آءِ عابد لاشاري ايف آءِ آرز ۾ فريادي ٿيا آهن. هاڻ ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي؟ سنڌ جي ڪافي شهرن ۾ عوام رد عمل ظاهر ڪري سيد زين شاهه ۽ ٻين ڪارڪنن تي ڪيسن خلاف احتجاج به ڪيا آهن. ميرپورخاص، ڪنڌڪوٽ، ڪوٽڙي، سن، سڪرنڊ ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون به ڪڍيون ويون آهن. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ايس يو پي طرفان ڌرڻا هنيا ويا آهن ۽ ڪارڪنن احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي. ٻئي ڏينهن تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته لوڻي ڪوٽ جي سب انسپيڪٽر غلام مصطفيٰ ڀلائي فرياد ۾ ڄاڻايو آهي ته، 31 آگسٽ تي ڪراچي کان حيدرآباد طرف روڊ بلاڪ ڪيو ويو جنهن ۾ سڃاتو ويو ته، سيد زين العابدين شاهه سميت 30/35 ماڻهن روڊ بلاڪ ڪري هنگامو ڪيو. ٻئي طرف ڪوٽڙي ٿاڻي سان تعلق رکندڙ اي ايس آءِ عابد لاشاري سيد زين شاهه سميت 25 نامعلومن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هن موقف اهو ڏنو آهي ته، ڪراچي واهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري عوام کي پريشان ڪيو ويو ۽ ملڪ جي خلاف نعرا هنيا ويا. ٻنهي ڪيسن ۾ فريادين ڄاڻايو آهي ته، جوابدار ڏکڻ طرف فرار ٿي ويا. ڪيس ۾ ڌرڻي جي تاريخ 31 آگسٽ ڏيکاري ويئي آهي. هوڏانهن ڪيس داخل ٿيڻ بعد، اها خبر جهنگ جي باهه وانگر سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويئي. سوشل ميڊيا تي سنڌ سرڪار ۽ ڄامشورو ايس ايس پي کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو ويو آهي ۽ مذڪوره ڪيس واپس وٺڻ جي پرزور لفظن ۾ گھر ڪئي ويئي آهي.

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاه جو چوڻ آهي ته، 31 آگسٽ تي لوڻي ڪوٽ ۽ ڪوٽڙي وٽ ڪوبه احتجاج ڪونه ٿيو آهي. ته پوءِ ڪيئن پوليس کي خبر پئي ته ڌرڻو لڳو آهي. هيءَ من گھڙت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀلي ايف آءِ آرز داخل ڪيون وڃن، سنڌ جي مسئلن تان پوئتي ڪونه هٽندس. اسان سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪريون ٿا. جنهن ڪري حڪمران هاڻ بوکلاهٽ جو شڪار آهن. پر، اهي ماضي ۾ ڪوڙن ڪيسن ذريعي جهڪائي ڪونه سگھيا ته هاڻ ڇا جهڪائي سگھندا. اسان اڳي به سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪئي هئي ۽ هاڻ به ڪنداسين. 31 آگسٽ تي مورو ۾، مورو واقعي خلاف ڌرڻو هنيوسون. جنهن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا هئا. سنڌ جي ماڻهن سان زيادتي برداشت ڪونه ڪنداسون. هن وڌيڪ چيو ته، ڪيس جيڪي داخل ٿيا آهن. انهن کي غور سان پڙهي ورتو آهي. حڪمرانن تي کل اچي ٿي. هاڻ انهن ڪيسن متعلق قانون وارو رستو اختيار ڪبو. جنهن لاءِ قانوندانن ۽ وڪيلن سان مشورو ڪرڻ لازمي آهي.

اهي به اطلاع آهن ته، ڳوٺ لغاري بجراڻي جي شهيدن عرفان لغاري ۽ زاهد لغاري جي وارث عورتن طرفان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه تي ڪوڙيو ايف آءِ آرز داخل ڪرڻ خلاف، شهيدن جي مزارن تي احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي. هنن چيو ته، سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي اهم ڪردار ادا ڪندڙ سيد زين شاهه خلاف ڪوڙيون ايف آءِ آرز داخل ڪرڻ اهو پيغام آهي ته، سڀ چپ ڪري ويهو. هنن وڌيڪ چيو ته مورو ۽ ان جي آس پاس رهندڙسڀ لغاري سيد زين شاهه سان گڏ آهن. سندن ئي ساٿ ڏيندا. مٿئين رپورٽ پهرئين ڏينهن جي آهي. اهو خدشو آهي ته اها جدوجهد وسيع نه ٿي وڃي. احتجاجن جو دائرو وڌي سگھي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.