سنڌ جي اڀياسَ (سنڌ الاجِيءَ) کي پڙهائڻَ جِي ضرورتَ

تحرير: ياسر قاضي

اها ڳالهه چِٽي ڏينهن وانگر ظاهر ۽ هر ڪنهن جي علم ۾ آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اهي جاگرافيائي خِطا، جيڪي پاڪستان جو حصو بڻيا آهن، انهن زمينن، اتي هزارين سالن کان رهندڙ ماڻهن، سندن ٻوليءَ توڙي تهذيبي پسمنظر کي پوئتي اُڇلائيندي، نظر انداز ڪندي، فقط هڪ لساني تصور تي زور ڏنو ويو ۽ ان ڳالهه جو پرچار ڪيو ويو ته ”اسان هڪ قوم آهيون!“ جڏهن ته هن ملڪ ۾ شامل فيڊريشن جا چارئي وڏا يُونٽَ (ڀاڱا)۽ انهن ۾ وسندڙ سوين قومُون صدين کان پنهنجي ڌار ڌار قومي تشخصَ ۽ ٻولين جُون مالڪ آهن ۽ انهن جِي گڏيل رضامنديءَ سان ئي کين پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سنڌ جو پاڪستان جي وجودَ ۾ ته انهن سڀني يُونٽن کان وڌيڪ ڪردار رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ، پاڪستان جِي خالق آهي. نه رڳو پاڪستان جو باني سنڌ ڄائو هو ۽ نه رڳو پاڪستان جي تحريڪ ۾ اڻ ڳڻيا سنڌي رهنما پنهنجو متحرڪ ڪردار ادا ڪندا رهيا، پر اها ٻَچي ٻَچي کي خبر آهي ته اها سنڌ جِي ئي پهرين ۽ واحد دستور ساز اسيمبلي هئي، جنهن 4 مارچ 1943ع تي پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ڪري، 23 مارچ 1940ع تي منٽو پارڪ لاهور ۾ منظور ڪيل پاڪستان جي ٺهراءَ تي توثيق جي مُهرَ هڻي ان جِي اهميتَ وڌائِي. پاڪستان جي ’خالق خِطي‘ جي حيثيت سان سنڌ کي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جيڪا اهميت ملڻ گهربي هئي، سنڌ گذريل 78 سالن کان ان کان محروم ئي رهي آهي.

ٻين اڪيچار ستم ظرِيفيُن سان گڏ اهو به وڏو ظلم آهي ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پاڪستان جي ٻارن ۽ نؤجوانن کي هر ڪلاس ۽ درجي ۾ ”پاڪستان جو اڀياس“ ته پڙهايو ويو، پر اهي قومون، جيڪي صدين کان موجوده پاڪستان جو حصو آهن، انهن جي اڀياسَ کي نصاب ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. پاڪستان جو اڀياس پڙهائڻ ۾ به شروع کان جيڪي ويساهه گهاتيون ڪيون ويون آهن، انهن تي الڳ دفترَ رقم ٿي سگهن ٿا ۽ هاڻي ته ڄاڻَ جا اڪيچار اڻ ڌُريا ذريعا موجود هجڻ ڪري اها ڪَٿَ ڪرڻ به ڏکئِي هرگز ناهي ته جيڪو پاڪستان جو مطالعو اسان جا شاگردَ، جونيئر ترين ڪلاسن کان سينيئر ليول تائين پڙهن ٿا، ان مان ڪيترو مواد صداقت تي ٻڌل آهي ۽ ڪيترو ڪَچُ آهي. خبر ناهي ته ’وس ــ ڌڻين‘ کي ان ڳالهه کان ڪهڙو خطرو لاحق رهيو آهي ته جيڪڏهن هتان جو ٻار يا نؤجوان، سنڌ يا بلوچستانَ، پنجابَ يا پوٺوهارَ، خيبر يا ڪشمير جي سرزمينَ، اتي رهندڙ ماڻهن جي تاريخ، انهن جي رهڻي ڪهڻيءَ، تهذيب، تمدن، ٻوليءَ يا ادب بابت ڄاڻندو، ته ان سان ملڪ کي (خدانخواسته) ڪهڙو نقصان پهچندو! ايئن ته ٿِي نٿو سگهي ته هتان جو ماڻهو پنهنجي پاڙُن (Roots) کان ڪٽجِي وڃي، پر هتان جي اصلوڪن خِطَن جي اڀياسَ کي نصاب کان پري رکڻ جي رَوِش جو ڪو سبب سمجهه ۾ نٿو اچي.

ڪراچيءَ ۾ قائم هڪ اهم سرڪاري مادرِ علميءَ جي اڳُوڻي وائيس چانسلر جڏهن اهو پڪو پهُه ڪري ڇڏيو ته هتي ’سنڌي ادب‘ جو شعبو قائم ڪونه ٿيندو، تڏهن مون کيس زباني توڙي لکپڙهه رستي صلاح ڏني هئي ته جيڪڏهن يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ادب جو شعبو قائم نٿا ڪريو ته گهٽ ۾ گهٽ ”سنڌ جي اڀياس“ جو شعبو قائم ڪري ان تحت ”سنڌ اسٽڊيز“ ۾ ماسٽرس (بِي. ايس) ۽ اڳتي هلي ’ايم. فِل‘ / ’ايم. ايس‘ ۽ ’پي ايڇ ڊيءَ‘ جُون ڊگريون ايوارڊ ڪريو. جنهن جي مضمونن جي حوالي سان مون ان لکتي صلاح ۾ کين 15 کان وڌيڪ مضمونن جي لسٽ به ٺاهي کين اماڻي هئي ته انهن موضوعن کي ڊگرِي ليول جي مختلف سيميسٽرس ۾ پڙهائي سگهجي ٿو. جن مضمونن مان مُک مضمونَ هي هئا:

1 ــ سنڌ جي مجموعِي تاريخَ (جنرل هسٽرِي)

2 ــ سنڌ جِي مذهبي تاريخَ ۽ هتي اُسرندڙَ مختلف ڌرمَ

3 ــ سنڌ جا قديم آثارَ

4 ــ سنڌ جي اينٿراپالاجي (آڳاٽن ماڻهن جو مطالعو)

5 ــ سنڌ جي زرعي تاريخ ۽ اڄوڪي زراعت

6 ــ سنڌ جي آبڪلاڻيءَ جي تاريخَ ۽ اڄوڪو آبپاشي نظام

7 ــ سنڌ جِي معاشي تاريخَ ۽ اڄ جي سنڌي معيشتَ

8 ــ سنڌ جو ڪلاسيڪي / اساسي ادب

9 ــ سنڌ جو لوڪ ادب

10 ــ سنڌ جو جديد ادب

11 ــ سنڌ جي سنگيتَ جي تاريخ ۽ موجوده سنڌي موسيقي

12 ــ سنڌ جي ثقافت

13 ــ سنڌُو لکت کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۽ لپيءَ جي تاريخَ

14 ــ سنڌ جي سياسي تاريخَ، حڪمرانَ ۽ جنگيُون

15 ــ سنڌ جي صحافتي تاريخَ ۽ اڄ جِي صحافتَ

16 ــ لطيفيات (شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مطالعو)

وغيره…

ان ڏس ۾ اڃا به ڪيترائي موضوع سنڌ جي مطالعي سان سلهاڙيل اهڙا آهن، جن جو نصاب (Syllabus) ٺاهي، انهن کي ڌار ڌار مضمونن طور مختلف سيميسٽرس ۾ پاڙهي، ’سنڌ جي اڀياسَ‘ (Sindh Studies) ۾ هڪ ڀرپُور ڊگري ايوارڊ ڪري سگهجي ٿي، جنهن سان نه رڳو سنڌ جي مختلف پهلوئن جي مطالعي ۽ تحقيقَ جو موقعو فراهم ٿيندو، بلڪه صدين جي اها شڪايت به دُور ٿيندي ته ”سنڌ جِي تاريخَ لکي ئي ناهي وئي!“ اسانجي ڪنهن به مادرِ علميءَ ان ڏس ۾ پهريون قدم کنيو ته پوءِ باقي صُوبن جون يونيورسٽيُون به ان طرز تي ”بلوچستان جو اڀياس“، ”پنجاب اسٽڊيز“ ۽ ”مطالعهء خيبرپختونخواهه“ جهڙا سبجيڪٽ متعارف ڪرائڻ ۾ دير نه ڪنديون ۽ هتان جي اصلوڪن قومن کي پنهنجي تاريخ تي ڪم ڪرڻ جو ميدان ميسّر ٿي سگهندو ۽ هُو جديد گُهرجن پٽاندر نئين سائنسي اندازَ ۾ پنهنجَن قديم خِطَن ۽ ان جي ماڻهن جي تاريخ گڏ ڪري سگهندا، جيڪا هن دؤر جي اهم ترين ضرورت به آهي.

جيڪڏهن اسان سنڌ جي اهم ترين مادرِ علمي، ’سنڌ يونيورسٽيءَ‘ جو ذڪر ڪريون ته ان بابت تنازعن ۽ استادن جي ’ايڪٽِيوِزم‘ جون خبرون ته اخبارن جِي زينت بڻبيون رهنديون آهن، پر اهڙي ڪا خبر منهنجي سانڀر ۾ ته منهنجي نظر مان ناهي گذري ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪنهن شعبي (توڙي اهو سائنس جو شعبو هجي يا آرٽس ۽ ڪامرس جو) ڪنهن نئين موضوع تي ڪا تحقيق ڪئي آهي، جيڪا دنيا ۾ نه سهي، هن خِطي ۾ ٿيندڙ پهرين تحقيق آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جو تاريخي ادارو ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي“ جنهن مقصد تحت ٺاهيو ويو هو، اهو مقصد ان عمارت کي رڳو عجائب گهر (ميُوزيم) طور سُڃاڻ ڏيڻ نه هو، بلڪه ”سنڌالاجيءَ“ کي هڪ مضمون طور متعارف ڪرائڻ هو، ته جيئن ”سنڌ بابت هر شئي“ تي ٻڌل هن مضمونَ کي ڊگري ليول تي متعارف ڪرائي، سنڌ جي تاريخ، تهذيبَ، ٻوليءَ ۽ ادب بابت تحقيق کي ممڪن بڻائي سگهجي، پر افسوس! جو سنڌ الاجيءَ جو ڪردار فقط سيّاحن لاءِ هڪ ميوزيم کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي رهيو. ڪنهن حد تائين ان جي ريسرچ لائبريريءَ مان متعلقه ماڻهو استفادو ڪندا رهن ٿا يا ان ۾ محفوظ آڊيو وييُوئل مواد منجهان ڪڏهن ڪڏهن ڪو اسم نظر يا سماعت منجهان گذري ٿو، نه ته مجموعي طور سنڌالاجي، فقط هڪ ميُوزيم طور ئي سُڃاپجي ٿي. جڏهن هن هيڏي وڏي اداري جو درجو ”انسٽيٽيُوٽ“ وارو آهي، ته ان جو زور تحقيق ۽ تدريسَ تي به هجڻ گهرجي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فئڪلٽيءَ ۾ سنڌي ادب جو شعبو شروع کان ذرخيز رهيو آهي، اهو پنهنجي جاءِ تي علمَ جون ڏياٽيون روشن ڪندو رهي، پر سنڌالاجيءَ کي ”سنڌ جي مطالعي“ (سنڌ اسٽڊيز) ۾ ڊگريون ايوارڊ ڪرڻ گُهرجن، بلڪه ان سبجيڪٽ جو نالو ئي ’سنڌالاجي‘ هجڻ گهرجي. جنهن ۾ ’بِي ايس‘ (چار ساله ڊگري) ڪرائڻ سان گڏوگڏ ’ايم.فِل‘ ۽ ’پي. ايڇ. ڊي‘ اسڪالر پيدا ڪرڻ گهرجن، جن جي تحقيق جو محور ۽ مرڪز سنڌ هجي. ڀلي ان ’ايم.فِل‘ (اِن سنڌالاجي) ۽ ’پي. ايڇ. ڊي‘ (اِن سنڌالاجيءَ) ۾ زبان جو ڪوبه قيد نه رکيو وڃي ته جيئن پاڪستان يا دنيا جي ٻين خطن جا ماڻهو به جيڪڏهن سنڌ، سنڌُو ماٿر يا سنڌو لکت (انڊس اسڪرپٽ) تي تحقيقي ڪم ڪرڻ چاهن، ته انهن لاءِ انسٽيٽيُوٽ آف سنڌالاجي هڪ عالمي تحقيقي ۽ تدريسي پليٽ فارم طور موجود هجي، ته جيئن دنيا جي هر اهم ٻوليءَ ۾ سنڌ تي نت نئين انداز ۾ تحقيق ٿي سگهي ۽ دنيا جا اسڪالرَ عالمي طور مروّج جديد ترين تحقيقي ’ٽُولس‘ رستي سنڌ جي تاريخ کي وؤڙن ۽ اسانجي سنڌ جي تاريخ تي ڪم نه ٿيڻ وارِي شڪايت ختم ٿي سگهي!

سنڌ يونيورسٽيءَ توڙي سنڌ الاجيءَ جي موجوده روشن خيال قيادت کي ان ڏس ۾ عملي قدم کڻڻ لاءِ ضروري بنيادي ’هوم وَرڪ‘ ڪري ’هاير ايجوڪيشن ڪميشن‘ سان سنجيدگيءَ سان لکپڙهه شروع ڪرڻ گهرجي، ته جيئن اسانجو نؤجوان پنهنجي ملڪَ جي 78 ساله ۽ ان کان اڳ تحريڪِ پاڪستان جي لڳ ڀڳ 40، 45 ساله تاريخ پڙهڻ سان گڏوگڏ، پنهنجي قديم ڌرتيءَ ۽ هتان جي ماڻهن جي نه رڳو 7، 8 هزار سالَ پراڻي تاريخَ کان واقف ٿي سگهي، بلڪه اڄ جو مڪاني توڙي عالمي محققُ، سنڌ جي تاريخ جي ٽُٽل ڪڙين کي پاڻ ۾ جوڙڻ جو ڪم ڪري سگهي ۽ سنڌ جِي تاريخ جا گم ٿيل ورقَ ڳولي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.