نوشھرو فيروز( رپورٽ: ايم ظفر تڳر) سڌوجا ڀرسان خوفناڪ حادثي ۾ 7ڄڻا فوت ٿي ويا. مهراڻ ڪار ۽ ٽرالي کي پويان ايندڙ ٽرالر ٽڪر هنيو. ڪار ۾ سوار 7 ڄڻا ضلعي خيرپورجي شھر لقمان جا رھواسي جانوري برادريء جا 2 مرد 3 عورتون ۽ 2 ٻار چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، جن ۾ غلام محمد جانوري، ۔سڪينا ،علي احمد جانوري جي سڃاڻپ ٿي آهي. پوليس ۽ ريسڪيو ٽيم حادثي واري هنڌ پھچي ڪار کي ٽن فوتين جا لاش ڪڍيا ويا، سڀني فوتين کي ضروري ڪاروائي لاء مورو اسپتال پھچايو. ايس ايس پي روحل کوسو حادثي واري جاء تي پھتو ٽرالر کي پوليس جي تحويل ۾ ڏئي کين ايف آء آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.