مريم نواز مشهوري جي شوقين، امدادي سامان لاءِ باقاعده اسٽيڪر ڇپرائي ڇڏيا

لاهور/اسلام آباد (عمران شفقت) مظفرگڙھ جي ڊي سي عثمان طاهر جپا جي عمل تي به سخت تنقيد ٿي رهي آهي، جنهن ٻوڏ متاثرن ۾ مريم نواز جي تصوير سان گڏ راشن ورهايو. سينيئر صحافي رئوف ڪلاسرا ان کي بيوروڪريسي جو زوال ۽ حڪمران طبقي جي بي حسي قرار ڏنو آهي. سندس چوڻ آهي ته ڊي سي جو اهڙو رويو متاثرن جي عزت نفس مجروح ڪرڻ جي برابر آهي. هي منٿون ڪري اهم عهدا ماڻيندڙ ماڻهو آءِ پيڊ ساڻ رکن ٿا ۽ متاثرن کي 2 مانيون ڏئي مريم نواز جي تصوير به ڏيکارين ٿا. اها هڪ ڪڌي حرڪت آهي. هي هونئن به عجيب حرڪتون ڪندو آهي. رئوف ڪلاسرا موجب ڊي ايم جي آفيسرن تي الزام لڳندا رهيا آهن ته هنن ملڪ لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو پر پرڏيهه اثاثا ٺاهيا آهن. مريم نواز پنهنجي دور ۾ هنن بابوئن کي اتي پهچايو آهي جو 2 ويلا ماني وٺڻ کانپوءِ مريم نواز جي تصوير کي سلامي ڏيڻي آهي. اصل ۾ اهو شخص پنهنجي نوڪري پڪي ڪري رهيو آهي ته رڪارڊنگ ٿي رهي آهي ۽ ڪنهن نه ڪنهن نموني اها مريم نواز تائين پهچي وڃي. مريم نواز جو جيڪو رليف ۽ امداد جو ڪم ٿي رهيو آهي ان تي به مريم نواز خاص طور تي اسٽيڪر ڇپرايا آهن، مريم نواز جون دوائون، مريم نواز جي فلاڻي شئي ۽ وغيره. اهڙا ڪم ايونٽ مئنيجمينٽ ٿيندا آهن ۽ پراجيڪٽن تي هلندا ڇا رليف جي ڪم کي پراجيڪٽ سمجهيو پيو وڃي؟ مشهوري مهم جي خيال سان ان جا اسٽيڪر ڇپرايا ويا آهن؟ انهن تي لکيل آهي ته ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ مريم نواز پهچي وئي.  خدا کي مڃو ڪو ته موقعو ڇڏيو. ٻئي پاسي مريم نواز پل تي بيهي هيٺ ٻيڙي وارن کي خطاب ٿي ڪري جڏهن ته ٻيڙيون ڪوهين ڏور آهن اها رڳو مشهوري هلي رهي آهي. اوهان ماڻهن جي عزت نفس کي ڇيهو رسائي رهيا آهيو. ماڻهن کي 6 مانيون ڏئي احسان جتائيندا؟ اوهان ماڻهن کي فقير بڻائي رهيا آهيو؟ اهو ڊي سي ضرور مريم نواز کي ميسيج ۾ اهي موڪليندو هوندو. بيوروڪريسي کي خبر هوندي آهي ته اسان جو چيف ايگزيڪٽو ڪهڙي ذهنيت جو آهي. اهو انڌن کي به نظر ٿو اچي ته مريم نواز مشهوري جي ڪيڏي شوقين ٿي چڪي آهي. خبر ناهي ڪنهن کيس چيو آهي ته عمران خان جو توڙ رڳو اهو ئي آهي. پي ٽي آءِ وارا به ائين ئي ڪندا هئا. مريم نواز کي پنهنجي مشهوري ڏسي خوشي ٿيندي آهي ۽ اهڙا ڊي سي سندس مشهوري ڪرائي رهيا آهن. معاملن کي ڏسڻ وارن وٽ به ان کي ڪو سٺو نٿو سمجهيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.